اليڪشن ڪميشن تي الزام: وفاقي وزيرن کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو

0
174
اليڪشن ڪميشن تي الزام
اليڪشن ڪميشن تي الزام: وفاقي وزيرن کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان الزام لڳائڻ تي وفاقي وزير فواد چوڌ ري ۽ ريلوي واري وزير، اعظم سواتي کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

بيان موجب اليڪشن ڪميشن جو اجلاس چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو ، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن نثار دراني ، شاهه محمد جتوئي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اطلاعات واري وزير فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي کي اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي خلاف الزامن تي نوٽيس جاري ڪيا وڃن.

بيان موجب ، اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته اعظم سواتي کان اليڪشن ڪميشن پاران مٿس لڳايل الزامن بابت ثبوت طلب ڪرڻ گهرجن.بيان ۾ چيو ويو آهي ته فواد چوڌري هڪ پريس بريفنگ ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر تي الزام هنيا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٻنهي وزيرن کي نوٽيس جاري ڪيا ويندا ته جيئن وڌيڪ ڪارروائي ڪري سگهجي.