ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪورونا شرح گهٽجي 1.6 سيڪڙو تي پهتي، وڌيڪ 17 شهري فوت ٿي ويا، وڌيڪ 720 نوان ڪيس سامهون آيا، ٻئي طرف سنڌ ۾ هڪ شهري دم ڏنو، جڏهن ته 327 نون ڪيس سامهون آيا، ان حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته هن وقت 10966 مريضن جو علاج هلي رهيو آهي، جن مان 10687 گھرن، 28 آئسوليشن سينٽرن ۽ 251 مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن، هن چيو ته 247 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 15 مريضن کي وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو آهي، ڪراچي ۾ 57، حيدرآباد ۾ 64، سجاول ۾ 39، ڄامشوري ۾ 31، نوشهري فيروز ۾ 30، نوابشاھ ۾ 20، مٽياري ۾ 11، بدين، ٿرپارڪر ۽ سانگھڙ ۾ 10_10، ميرپورخاص ۽ ٽنڊي الهيار 9_9، لاڙڪاڻي ۾ 8، ٺٽي ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ 6_6، عمرڪوٽ ۾ 5، جيڪب آباد ۽ شڪارپور ۾ هڪ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي.