ملتان (م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي اڳوڻن حڪمرانن جو ڏنل تحفو آهي. ملتان ۾ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي شاهه محمود چيو ته ووٽ کي عزت ڏيو جو هڻندڙن ووٽرن جي عزت کي پائمال ڪيو. هن چيو ته 30 سالن کان پ پ ۽ ن ليگ قومي ناڻي کي لُٽيو، جڏهن ته پي ڊي ايم به ڦورن جو ٽولو آهي ۽ جيڪي پاڻ چور هجن، اهي ڪيئن ٿا احتساب ڪري سگهن؟