حيدرآباد (بيورو رپورٽ) نامياري ڪهاڻيڪار مرحوم طارق اشرف جي وفات ڪري ويل اڪيلي فرزند دانيال اشرف  کي ٽنڊو طيب جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، دانيال اشرف 53 سالن جي عمر ۾ دل جو دورو پوڻ سبب گذريل ڏينهن دم ڏنو هو، جنازي نماز ۽ تدفين ۾ مٽن مائٽن، دوستن احبابن ۽ قلمڪارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، دانيال اشرف کي پنهنجي والد طارق اشرف جي قبر ڀرسان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. مرحوم دانيال اشرف جو تڏو کوکر پاڙي ۾ سهڻي پرنٽنگ پريس ۾ وڇايو ويو آهي، جتي دانيال اشرف جي فرزند طارق اشرف سان عذرخواهي جو سلسلو جاري آهي. نامياري ڪهاڻيڪار غلام نبي مغل سندس فرزند اورنگزيب مغل، براڊ ڪاسٽر نصير مرزا ۽ ٻين تڏي تي پهچي مرحوم دانيال اشرف جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو. واضح رهي ته دانيال اشرف نامياري ڪهاڻيڪار مرحوم طارق اشرف جو اڪيلو فرزند هو. کيس اڱاري ڏينهن شام جو دل جو دورو پيو هو جنهن سبب هو انتقال ڪري ويو. هن هڪ پٽ طارق اشرف، 3 نياڻيون، بيواهه ۽ ڏاڏي سميت دوستن احبابن جو وڏو حلقو سوڳوار ڇڏيو آهي. سندس لاڏاڻي جي خبر تي قلمڪارن ۽ اديبن ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي.