ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ جماعت اسلامي جي ميزباني ھيٺ قبائلي جھيڙن جي روڪٿام ۽ چاچڙ برادري جي 9 ڄڻن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مقامي ھوٽل ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس گھرائي وئي، جنھن ۾ 15 کان وڌيڪ سياسي سماجي ڪاروباري تنظيمن ۽ مختلف برادرين جي سردارن شرڪت ڪئي، اي پي سي ۾ گڏيل قرارداد پاس ڪري مطالبو ڪيو ويو ته بجاراڻي تيغاڻي، چاچڙ سبزوئي، محمداڻي بنگوار ۽ چاچڙ جاگيراڻي سميت ضلعي اندر ھلندڙ خوني تڪرار ختم ڪرائڻ لاءِ حڪومت جي نگراني ۾ امن ڪاميٽي جوڙي ڪوٽ مٺڻ کان سکر تائين ڪچي وارو ايريا رينجرس ۽ فوج حوالي ڪيو وڃي، اي پي سي ۾ خطاب ڪندي جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير حافظ نصرالله چنا چيو ته ضلعي ۾ بدامني رتوڇاڻ جا ذميوار سردار آھن، 9 ڄڻن جو قتل کليل دھشتگردي آھي، اسين انتظاميا کي 15 ڏينھن جي اندر قاتلن جي گرفتاري لاءِ مھلت ڏيون ٿا، جيڪڏھن ڏوھاري گرفتار نه ٿيا ته لائحه عمل جوڙي ضلعي جا روڊ رستا بند ڪنداسين، هن مطالبو ڪيو ته ڪچي ۾ آرمي آپريشن ڪيو وڃي، سردار شمشير خان مزاري چيو ته قبائلي تڪرار دھشتگردي آھي، اسين مظلومن سان گڏ آھيون، پي ٽي آءِ اڳواڻ غالب حسين ڊومڪي چيو ته ھڪ ئي گھر جا 9 ڀاتي قتل ڪرڻ دھشتگردي آھي ڪچي جي اندر ڇوٽو گينگ جيان فوجي آپريشن ڪيو وڃي، عوام جي ووٽن سان چونڊيل نمائندن کي اسيمبلين ۾ خوني تڪرارن بابت آواز اٿارڻ گهرجي، زرياب بجاراڻي چيو ته سردارن ھميشا امن ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ڪچي ۾ آرمي آپريشن ڪيو وڃي، بشير شاهه چيو ته چاچڙ سبزوئي برادري جو ھي ٻيون ڀيرو خوني تڪرار ٿيو آھي، وقت جي حڪمرانن مٿان امن ڪرائڻ جي ذميواري آھي، عبدالغني بجاراڻي چيو ته اسان جي ضلعي جو ماحول وڏيرن ھٿ وٺي وڃايو آھي، تعليم نه هجڻ سبب اھڙا جھالپ وارا واقعا پيش ايندا رھندا، جرڳو سسٽم قبائلي جھيڙن کي ھٿي ڏيڻ جو سبب آھي، خون جي بدلي خون پاڙي انصاف نه ملڻ جي صورت ۾ جھيڙا وڌن ٿا، قبائلي جھيڙن جو خاتمو قاتلن جي گرفتاري ۽ قانوني سزا سان ھي ٿيندو، چيف مقدم شير احمد خان باجڪاڻي، نويد خان گولو، نياز علي خان بنگوار، ڊاڪٽر ميھر چند، ڏاڏي جکراڻي، دلمراد ڏاھاڻي ۽ ٻين چيو ته ۽ ٻين چيو ته قبائلي تڪرار جي خاتمي لاءِ ڪچي ۾ فوجي آپريشن ڪري انسانين جانين کي بچايو وڃي.