ڪنري (رپورٽ: انيل ڪمار مڪواڻا) ڪنري ۾ ٻڪرين جي نمائش، وڏي انگ ۾ ڀاڳين ۽ شوقينن جي شرڪت، صوبائي وزير جون ٻڪريون نمبر کڻي ويون. خبر موجب ٻسٽان ۾ سيد علي رضا شاھ جي اوطاق تي ٻڪرين جي نمائش ٿي، جنھن ۾ صوبائي وزير سردار شاھ ۽ مقامي ڀاڳئي غلام قادر نظاماڻي جي ٻڪرين ۾ سونھن جو مقابلو ڪرايو ويو، نمائش ۾ سنڌ جي مختلف شھرن مان ڀاڳين ۽ شوقينن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، نمائش ۾ ٻنھي ڌرين طرفان چار امين مقرر ڪيا ويا، جن ٻڪرين جي سونھن، گُل، جوڙ، سڱ، رنگ، چال ۽ ٻڪرين کي گهمائي ھر وصف ھڪ ڪلاڪ تائين چيڪ ڪئي جنهن بعد صوبائي وزير جي ٻڪرين کي پھريون نمبر ڏنو ويو، جڏهن ته غلام قادر نظاماڻي جو ٻيو نمبر آيو، ان موقعي تي شوقينن ڀاڳين کي ھار پارائي خوب داد ڏنو ۽ دهل تي رقص پڻ ڪيو. ان موقعي تي ڀاڳين جو چوڻ ھو ته ھي سنڌ جي شاھوڪار ثقافت آھي، جنھن ۾ اعليٰ نسل جي جانورن ٻڪرين، رڍن، ڍڳين ۽ ٻين جي پالنا ڪندا آھيون ۽ انھن جي پنھنجي اولاد جيان خاطري ڪندا آھيون. ھنن چيو ته ان کان اڳ به اھڙا مقابلا ٿيندا رھيا آھن جنھن سان ٻڪرين جي نسلن کي بچائڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي ثقافت پڻ اجاگر ٿئي ٿي.