ڪشمير پريميئر ليگ جو ميلو شروع ٿي ويو، رنگ برنگي افتتاح، اسٽار ڪرڪيٽر شامل

0
256

مظفرآباد (ويب ڊيسڪ)ڪشمير پريميئر ليگ (ڪي پي ايل)2021 جي افتتاحي تقريب ۾ ٽرافي جي رونمائي ڪئي وئي.اڳوڻي ڪپتان ۽ ناليواري آل رائونڊر شاهد آفريدي، ڪامران اڪمل، عبدالرزاق، شان مسعود ۽ سهيل تنوير ٽرافي جي مهورت ڪئي.مظفرآباد ۾ آزاد جمون ۽ ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان ڪي پي ايل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪيو.صدر جمون ۽ آزاد ڪشمير چيو ته اسان جي ڪا به سياسي ايجنڊا ناهي، ڀارت کي ڪرڪيٽ تي سياست نه ڪرڻ کپي.سردار مسعود خان وڌيڪ چيو ته هڪ ڏينهن ايندو جڏهن اسان والاريل ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ به ڪرڪيٽ کيڏنداسين.تقريب کي ڪي پي ايل جي نائب صدر وسيم اڪرم، چيئرمين ڪشمير پارلياماني ڪميٽي شهريا آفريدي، اڳوڻي ٽيسٽ فاسٽ بالر شعيب اختر، ڪي پي ايل جي صدر عارف ملڪ ۽ سينيٽر فيصل جاويد به خطاب ڪيو. ٽورنامينٽ جي مئچن لاءِ 5 پچز تيار ڪيون ويون، افتتاحي مئچ ميرپور رائلز ۽ راولا ڪوٽ هاڪس وچ ۾ کيڏي وئي، ايونٽ ۾ پي سي بي جا ڪانٽرڪيٽ حاصل نه ڪندڙ رانديگر عماد وسيم، محمد حفيظ ۽ اعظم خان پنهنجا جوهر ڏيکاريندا