ڪشمور: ڪارنهن جي الزام هيٺ عورت ۽ مسجد جو پيش امام قتل

0
292
ڪشمور: ڪارنهن جي الزام هيٺ عورت ۽ مسجد جو پيش امام قتل
ڪشمور: ڪارنهن جي الزام هيٺ عورت ۽ مسجد جو پيش امام قتل

ڪشمور ويجهو جوابدار ڪارنهن جي الزام هيٺ پنهنجي نُنهن ۽ مسجد جي پيش امام کي قتل ڪري ڇڏيو

 ڳوٺ لڌو دشتي ۾ جوابدار گل زمان دشتي گوليون هڻي پنهنجي نُنھن حنيفه ۽ پنجاب واسي  پيش امام سيف الله لنڊ کي قتل ڪيو

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا

پوليس جوابدار گل زمان دشتي کي گرفتار ڪري ورتو ، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن سان جاچ ڪئي پئي وڃي

هي به پڙهندا

ملير:پوليس به ڌاڙيلن جيان شهرين کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪرڻ لڳي، 2 مغوي بازياب