ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو 3 ڄڻا قتل، ان ڏس ۾ پيرآباد ٿاڻي جي حد ۾ الهديٰ مسجد  وٽ فائرنگ جي نتيجي ۾  44 ورهين جو نصيب پٽ پتنگ خان، 50 ورهين جو خليل الرحمان پٽ نظر خان ۽ 35 ورهين جو آيت خان پٽ رضا خان مارجي ويا، ايس ايس پي اولهه موجب ابتدائي جاچ ۾ پتو پيو ته آيت خان ۽ خليل رحمان وارين ڌرين ۾ ذاتي دشمني تان جھيڙو ٿيو، مارجي ويلن ۾ ٻنهي ڌرين جا ماڻهو شامل آهن.