حيدرآباد (بيورورپورٽ) خوراڪ کاتي طرفان ٽارگيٽ پورو ڪرڻ لاِءِ پوک لاءِ رکيل ڪڻڪ جو ٻج به قبضي ۾وٺڻ ۽ فيڊرل  سيڊ سرٽيفڪيشن اينڊ رجسٽريشن ڊپارٽمينٽ جي نون قاعدن  سبب ايندڙ پوک لاءِ ڪڻڪ جي ٻج جي کوٽ ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آهي، جنهن ڪري ٻج تيار ڪندڙ ڪمپنين جي تنظيم ايسوسيئيشن آف آل سنڌ سيڊز  (آس) اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ قانون جو سهارو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هلندڙ سال  سنڌ جي خوراڪ کاتي طرفان ڪڻڪ جي خريداريءَ جو ٽارگيٽ پورو نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري هاڻ خوراڪ کاتي جي ٽيم عام گودامن تي چاپاهڻي ڪڻڪ قبضي ۾ وٺڻ سان گڏ آبادگارن ۽ ٻج تيار ڪندڙ ڪمپنين جو  ايندڙ پوک لاءِ رکيل ڪڻڪ جي ٻج جو اسٽاڪ پڻ پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان آبادگاررن کي ايندڙ ڪڻڪ جي پوک لاءِ ان جي ٻج جي کوٽ سان منهن ڏيڻو پوندو. ان سلسلي ۾ ايسوسيئيشن آف آل سنڌ سيڊز  جي هڪ هنگامي گڏجاڻي آس جي  صدر  سيد نديم شاهه ڄاموٽ جي صدارت هيٺ ٿي، جنهن ۾ ان صورتحال تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي. اجلاس ۾  ايسوسيئيشن آف آل سنڌ سيڊز  ملٽيپليڪيشن لاءِ سرٽيفائيڊ ٻج جي استعمال کان روڪڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي ۽ خوراڪ کاتي طرفان ٻج لاءِ رکيل ڪڻڪ پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ تي پڻ سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو  آهي ته آبادگارن ۽ ٻج تيار ڪندڙ ڪمپنين کي پوک لاءِ ٻج جو اسٽاڪ رکڻ جي خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري کان ئي اجازت مليل آهي ۽ ان کان علاوه فيڊرل سيڊ سرٽيفڪيشن اينڊ رجسٽريشن  ڊپارٽمينٽ طرفان پڻ ان جي انسپيڪشن ٿيل آهي، اهڙي صورت ۾ اهو اسٽاڪ قبضي ۾ ڪرڻ سراسر غير قانوني عمل آهي جنهن سان ايندڙ پوک لاءِ ٻج جي کوٽ پڻ پيدا ٿيندي. اجلاس ۾ اهو پڻ ٻڌايو ويو ته فيڊرل سيڊ سرٽيفڪيشن اينڊ رجسٽريشن ڊپارٽمينٽ ٻج وارين ڪمپنين جي رجسٽريشن 2023 ۾ ري نيو ڪرڻ  بابت نوان قاعدا  تيار ڪيا آهن جيڪي ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪرڻ جوڳا نه آهن، ۽ انهن کي رد ڪريون ٿا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن اهڙا فيصلا  واپس نه ورتا ويا ته انهن خلاف قانون جي واٽ ورتي ويندي. ان موقعي تي آس جي صدر سيد نديم شاهه ڄاموٽ چيو ته ٻج سان لاڳاپيل ادارا مسئلا حل ڪرڻ بدران مسئلا پيدا پيا ڪن جنهن ڪري قانون جو سهارو وٺڻو پوندو.