ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ مختلف واقعن ۽ حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت، ڪورنگي جي علائقي باغ ڪورنگي سي اين جي پمپ ويجهو روڊ حادثي ۾ 49 ورهين جو محمد بلال پٽ عبدالسميع فوت ٿي ويو، جڏهن ته احسن آباد پاڪستان ڪانٽي ويجهو گاڏي جي ٽڪر 45 ورهين جو سومر خان پٽ غوث بخش فوت ٿي ويو، ٻئي پاسي ڪياماڙي گيٽ نمبر 17 ويجهو مٿي ۾ وزني شيءِ لڳڻ سبب 33 ورهين جو راشد پٽ فضل حسين فوت ٿيو