ڪراچي (اسٽاف رپورثر) ڪراچي ۾ مختلف واقعن ۽ حادثن ۾ ٻار سميت 3 ڄڻا فوت، ان ڏس ۾ ڊاڪس ٿاڻي جي حد ۾ مائي ڪولاچي ڦاٽڪ ويجهو اڻڄاتل نوجوان شخص جو لاش هٿ آيو. جڏهن ته شيرين جناح ڪالوني ۾ مساڻ بازار ويجهو گهر ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 11 سالن جو نينگر شاهد پٽ فخر اسلام فوت ٿي ويو. هوڏانهن ڪلفٽن ٿاڻي جي حد مان 55 کان 65 ورهين جي ڄمار جي اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ آيو