ڪراچي ۾ بااثرن تشدد ڪري نوجوان کي ماري ڇڏيو، وڊيو وائرل

0
402

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچيءَ ۾ بااثرن پاران پنهنجي عدالت لڳائڻ جو هڪ ٻي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، ڪراچيءَ جي ناگن چورنگي ويجھو رينٽ اَي ڪار جي آفيس ۾ هڪ شخص کي بدترين تشدد بعد مارڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي

ڪيترائي ماڻهو رينٽ اي ڪار جي آفيس ۾ هڪ نوجوان تي سخت تشدد ڪري رهيا آهن، وڊيو ۾ جوابدارن پاران متاثر شخص  کي ڏنڊن ۽ چمڙي جي پٽن سان  تشدد ڪندي ڏسي سگھجي ٿو

متاثر شخص کي ڪپڙڻ کان آجو ڪري ان تي ڏنڊن سان تشدد جي وڊيو وائرل ٿي وئي، 2 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته تشدد سبب نوجوان فوت ٿي ويو

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار تشدد کان پوءِ متاثر شخص کي آفيس ۾ بند ڪري  هليا ويا هئا، متاثر شخص بند  آفيس ۾ تشدد جي ڪري دم ڏئي ڇڏيو هو

متاثر شخص ۽ بااثر ماڻهن ۾  مبينا پئسن جي ڏيتي ليتيءَ  جو ڪو مسئلو هو، واقعي ۾ ملوث 2 جوابدارن  کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ٻين  جي ڳولا جاري آهي

ايس ايڇ او سر سيد موجب اسان کي اطلاع مليو ته اسان  موقعي تي پهچي لاش کي آفيس مان ڪڍيو، وڊيو ۾ نظر ايندڙ تشدد ڪندڙن  مان 2 جوابدارن کي گرفتار  ڪري ورتو آهي

هي به پڙهندا

سليمان لاشاري قتل ڪيس ۾ ڌرين وچ ۾ 9 سالن بعد ٺاهه : ايس ايس پي غلام سرور ابڙو جو پٽ آزاد