ملير/ ڪراچي ( نمائندن وٽان)  ڪراچي ۽ ملير جي مختلف علائقن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيار ڪارن جا کير جي دڪانن تي ڇاپا، مهانگو کير وڪرو ڪندڙ دڪاندار گرفتار، دڪان پڻ سيل، ان ڏس ۾  ڪراچي ۾ کير وڪرو ڪندڙ دڪاندارن پنهنجي مرضي سان کير جو اگهه 200 روپيا ليٽر ڪري ڇڏيو آهي، عوامي شڪايتن تي ملير جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن گلشن حديد، ڀينس ڪالوني، قائدآباد، ميمڻ ڳوٺ، گڏاپ، ابراهيم حيدري، ڀٽائي آباد ۾ ڇاپا هڻي مهانگو کير وڪرو ڪندڙن 5 دڪاندارن کي گرفتار ڪري پنج دڪان سيل ڪري ڇڏيا ،  هوڏانهن ڪراچي  ڏکڻ ضلعي ۾15 دڪانن تي  هڪ لک 42 هزار ڏنڊ وجهي 2 واپارين کي گرفتار ڪيو ويو