ڪراچي: گيس بحران، سوئي گيس ھيڊ آفيس آڏو ڌرڻو جاري

0
205
ڪراچي: گيس بحران

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گيس جي شديد بحران خلاف ڪراچي ۾ سوئي گيس جي ھيڊ آفيس آڏو سنڌ سي اين جي ايسوسيئيشن پاران ڌرڻو جاري آهي

سي اين جي اسٽيشنز جي مالڪن ۽ ورڪرن پاران گذريل ڏينهن هنيل ڌرڻو ڪيترن ئي ڪلاڪن کان جاري ۽ مظاهرين رات سوئي گيس آفيس آڏو گذاري

مظاهرين جو چوڻ آهي ته سوئي گيس انتظاميه پهرين ڊسمبر کان سي اين جي اسٽيشنز کي گيس فراهمي بند ڪري معاشي بدحالي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي

هنن مطالبو ڪيو ته سي اين جي اسٽيشنز کي گيس فراهمي شروع ڪري ايم ڊي کي هٽايو وڃي