تاريخ جو پهريون ٽيڪسٽ ميسيج هڪ لک 21 هزار ڊالر ۾ نيلام

0
771

ڪراچي (م ڊ) تاريخ جو پهريون ٽيڪسٽ ميسيج هڪ لک 7 هزار يورو (هڪ لک 21 هزار ڊالر) ۾ نيلام ڪيو ويو آهي، ٽيڪسٽ ميسيج برطانوي ٽيلي ڪام ڪمپني طرفان نيلامي لاءِ پيش ڪرايو ويو ۽ ڪمپني موجب نيلامي مان حاصل ٿيندڙ رقم گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري کي ڏني ويندي

پروگرامر نيل پاپ ورٿ 3 ڊسمبر 1992ع تي برطانيه جي هڪ ڪمپني مئنيجر کي پنهنجي ڪمپيوٽر مان”ميري ڪرسمس“ جو ٽيڪسٽ ميسيج موڪليو هو جيڪو هن مئنيجر کان 2 ڪلو وزني ۽ بي ٽيل فون )ڊيسڪ فون جهڙو هينڊل سان گڏ بغير تارن وارون فون) تي رسيو ڪيو هو