ڄامشورو (رپورٽر) آل اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪاميٽي سنڌ يونيورسٽي جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ سنڌ يونيورسٽي جي شعبي لائبريري سائنس جي ٻئـين سال جو شاگرد اڪرام نواز چانڊيو ڪراچي جي ڊائو ميڊيڪل اسپتال جي مين گيٽ ڀرسان مبينا طور 2 ساٿين اوباش ڪمار ۽ شيراز سومرو سميت اڻڄاتل ماڻهن هٿان کنڀجي ويو آهي، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي شاگرد اڪرام نواز چانڊيو جي ڀاءُ عرفان چانڊيو تصديق ڪندي ٻڌايو ته گذريل رات ڀاءُ ڪراچي جي ڊائو اسپتال جي گيٽ ڀرسان دوستن سان گڏ ڪينٽين تي ويٺل هو ته اڻ ڄاتل ماڻهو سڃاڻپ ڪرڻ بعد ڀاءُ ۽ سندس ٻن دوستن کي کنڀي کڻي ويا، جنهن کانپوءِ ڪراچي جي مختلف ٿاڻن تي ڳولا باوجود ڀاءُ جو پتو ناهي پيو. ٻي طرف آل اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪاميٽي جي ترجمان روپلو مهراڻ جو چوڻ آهي ته اڪرام چانڊيو پرامن سياسي ڪارڪن ھجڻ سان گڏ يونيورسٽي ۾ تعليم پِرائيندڙ شاگرد آھي، ان کي بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو آهي، هن مطالبو نوٽيس وٺي اڪرام نواز چانڊيو کي ساٿين سميت آزاد ڪيو وڃي.