غوثپور (ن پ ا) غوثپور ۾ هٿياربندن جو هوٽل تي حملو، فائرنگ ۾ مزدوري ڪندڙ نوجوان قتل، پوليس جو چوڻ آهي ته مٽيمائٽي جي معاملي تان واقعو پيش آيو، خبر موجب مين انڊس هاءِ وي تي ڪار اڏي ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن هوٽل تي حملو ڪري مزوري ڪندڙ شهر جي موچي پاڙي جي رهواسي شعيب سومرو کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد حملو ڪندڙ فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول پورهيت جو لاش موبائل ۾ کڻائي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته ملڪ برادري جي هٿياربندن هوٽل تي حملو ڪري نوجوان کي قتل ڪيو، پوليس موجب ٻنهي ڌرين جي پاڻ ۾ مٽي مائٽي ٿيل آهي، جنهن تان واقعو پيش آيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.