ڪراچي(رپورٽ : فقير سليم ) ڪراچي ۾ 30 اربن جي لاڳت سان سيف سٽي پراجيڪٽ هيٺ 10 هزار سي سي ٽي وي ڪيميرائون لڳايون وينديون، منصوبو 3 سالن دوران ٽن مرحلن ۾ مڪمل ٿيندو، وڏي وزير منظوري ڏئي ڇڏي، ان ڏس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سيف سٽي منصوبي بابت ٿيل اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته منصوبي تحت ٽن مرحلن ۾ 10 هزار ڪيميرائون لڳايون وينديون، رٿا جو هر مرحلو 12 مهينن جي عرصي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. پهرين مرحلي ۾ 9.9 ارب رپين جي لاڳت سان شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن ۽ ڏکڻ ضلعي ۾ ڪيميرائون لڳايون وينديون، ٻئي مرحلي ۾ 9.8 ارب رپين جي لاڳت سان ٽن ضلعن ۾ ڪيميرائون لڳايون وينديون، جڏهن ته آخري مرحلي ۾ 9.7 ارب رپين جي لاڳت سان ڪراچي جي وڌيڪ 3 ضلعن ۾ ڪيميرائون لڳايون وينديون، وڏي وزير ناڻي کاتي کي هدايت ڪئي ته ايندڙ مالي سال ۾ رٿا جي پهرين مرحلي لاءِ 10 ارب رپين جو بندوبست ڪري، هن چيو ته آئون ايندڙ مالي سال ۾ هي پراجيڪٽ شروع ڪرڻ چاهيان ٿو، وزيراعليٰ محمد وسيم کي هدايت ڪئي ته هو 30 جون تائين سڀني فورمن وٽان پي سي ون منظور ڪرائي. اجلاس کي ڄاڻ ڏني وئي ته 8000 ڪيميرائون 12 ميگا پڪسل ۽ 2000 ڪيميرا ئون 8 ميگا پڪسل جون هونديون، 10 هزار ڪيميرائن کي سولر بيڪ اپ سان 2000 کان وڌيڪ هنڌن تي لڳايو ويندو، ڪيميرائن جي مانيٽرنگ لاءِ هڪ سينٽرل، علائقائي ڪمانڊ ۽ ڊيٽابيس مرڪز هوندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت شهر ۾ 538 هنڌن تي 2196 ڪيميرائون لڳل آهن، جن مان 1201 ڪي ايم سي، 198 آءِ ٽي کاتي ۽ 155 سنڌ پوليس جون آهن.