ڪراچي جي مڪاني حڪومت ۽ سهپ واري سوچ

0
361
ڪراچي جي مڪاني حڪومت ۽ سهپ واري سوچ

  ڪراچي جي ميئرشپ پيپلز پارٽي جنهن به طريقي سان کٽي ورتي آهي، انهي تي هڪ طرف سنڌ جي چڱن ڀلن سوچ سمجهه رکندڙ ماڻهن جو موقف اهڙو آهي، جهڙو سنڌين ڪراچي ميرن جي صاحبي کان پوءِ پهريون ڀيرو فتح ڪئي هجي! ٻئي طرف وري ڪراچي جي تنگ نظر ۽ انهن جماعتن، جن کي ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙ آبادي جو ووٽ سنڌ ۽ سنڌيت دشمني تي حاصل ڪرڻ جو شوق آهي، تن کي وري ائين پيو لڳي جهڙو ڪراچي جي ميئرشپ انهن کان پيپلز پارٽي نه پر سنڌين اچي ڏاڍ ۽ طاقت وسيلي کسي ورتي آهي. ٻئي انتهائون خوشفهمي ۽ خام خيالي جو شڪار آهن، جن کي لڳي ٿو ته پيپلز پارٽي جي ڪراچي جي ميئرشپ حاصل ڪرڻ سان سنڌين ڪو ڪراچي فتح ڪري ورتو آهي ته انهن کي ٿورو اهو سوچڻ گهرجي ته ڪراچي ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن مان ايندڙ آبادي جي لاءِ ڪهڙي ماضي ۾ اهڙي ڪا منصوبابندي ڪئي آهي، جو سنڌين جي ڪراچي جي شهر ۾ مستقل طور ڪا واهر ٿيندي رهي هجي؟۲۰۱۰ع جي ٻوڏ هجي يا ۲۰۲۲ع جي، لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، انهن مان هزارين ڪراچي جو رخ ڪري پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي اچي آباد ٿيا. انهن جي لاءِ ڪڏهن پيپلز پارٽي ڪا رهائشي اسڪيم، ڪو اهڙو منصوبو ڪڏهن جوڙيو، جو اها ٻوڏ ستايل آبادي مستقل بنياد تي ڪراچي جي حدن ۾ پنهنجو ڪو اجهو ٺاهي ويهي رهي ها؟ بهارين، برمين ۽ افغانين لاءِ سرڪاري سطح تي ماضي کان وٺي اڄ تائين پيپلز پارٽي ڪالونيون جوڙائي انهن جي آبادڪاري جي لاءِ گهربل ضرورتون پوريون ڪندي رهي آهي. ماضي ۾ سوات آپريشن دوران اتان لڏپلاڻ ڪندڙ هجن يا ڪشمير مان، انهن جي آبادڪاري جي لاءِ به پيپلز پارٽي سرڪاري سطح تي سنڌ ۾ بندوبست ڪندي رهي آهي، پر سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ پيپلز پارٽي وٽ ڪراچي ۾ منصوبا بندي ڪونه هوندي آهي.

پيپلز پارٽي جي سنڌ ۾ حڪومت هجي يا سندن سنڌ جي تنظيم سازي، انهيءَ ۾ به سندن منصوبابندي ۽ تنظيم سازي ڪراچي لاءِ الڳ هوندي آهي ته باقي سنڌ جي لاءِ الڳ. مثال طور، ماضي کان وٺي سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن سموري سنڌ جي اندر، سواءِ ڪراچي جي ۽ ڪراچي ۾ پيپلز اسٽوڊنٽنس فيڊريشن ڪم ڪندي رهي آهي. ڪراچي جي تنظيمي عهدن توڙي اتي جي صوبائي، قومي ۽ سينيٽ جي نمائندگي پڙهيل ڳڙهيل مڊل ڪلاس جي ماڻهو کي ڏبي، پر باقي سموري سنڌ جي اندر ٽائون ڪميٽي به ڪنهن وڏيري ڀوتار يا سردار جي يا سندس پٽ ۽ ڀاءُ جي حوالي ڪبي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کي اهو ڪلاس وڌيڪ آساني سان بنا ڪنهن سوال ڪرڻ جي هر عمل ۾ گڏ رهڻ جو عادي هوندو آهي. ڪراچي جي اندر مينهن ۾ ڪنهن جو گهر ڪِري يا ڪنهن جو ڪو گهر يا دڪان سڙي پوي ته وزير اعليٰ اتي ور کڻي پهچي ويندو ۽ انهن جي سهائتا جي لاءِ ڪروڙن ۾ اعلان ڪندو، پر سموري سنڌ ٻڏي وڃي، ڪنهن جو ڪو گهر يا دڪان سڙي يا ڪنهن حادثي ۾ ڪي جانيون ضايع ٿين ته انهن جي لاءِ همدردي جو پيغام ۽ چند لکن جي امداد جو اعلان اوهان کي ٻڌڻ ۾ ايندو. اهو سڀ انهيءَ ڪري ڇاڪاڻ جو سموري سنڌ پيپلز پارٽي کي ڪنهن جي آشيرواد سان سنڌ جي مٿان حڪمراني ڪرڻ جي بدلي ۾ ملندي آهي. جڏهن ته ڪراچي جي حڪمراني اها ڌر پاڻ سنڀاليندي رهي آهي. هي پهريون ڀيرو آهي جو هن وقت پيپلز پارٽي انهيءَ ڌر جي بيحد پسنديده پارٽي بڻجي پئي آهي، جنهن ڪري کين ڪراچي جي حڪمراني پڻ پيپلز پارٽکي ڏيڻي پئجي وئي آهي. اهو هاڻي ايندڙ وقت ٻڌائيندو ته ڪراچي جي ميئرشپ ملڻ سان ڪراچي جي اندر سنڌين جي حڪمراني ٿي آهي يا انهيءَ سان سنڌ جي اندر پيپلز پارٽي جي سياسي مخالفت جي بجاءِ سنڌيت ۽ سنڌ دشمني کي وڌيڪ هٿي وٺرائي وئي آهي.

پاڪستان ٺهڻ کان پهرين ڪراچي هن خطي جو جديد شهر هو. ڪراچي جي آبهوا، ماحول ۽ امن امان هر رنگ نسل ۽ مذهب جي ماڻهن جي لاءِ بنا ڪنهن ڀيد ڀاوَ جي ڪاروبار ڪرڻ ۽ صنعت جي قائم ڪرڻ جا وسيع موقعا ٿي مهيا ڪيا، پر پاڪستان جي قيام بعد اڄ جو ڪراچي ڪنهن به طرح سان پرسڪون ۽ پرامن رهائش جي قابل نه رهيو آهي. جتي پيئڻ جي پاڻي کان وٺي ٽرئفڪ ۽ آبهوا ئي قابلِ آسائش نه هجي، اتي جي باقي زندگي ڪهڙي هوندي؟ انهيءَ ڪراچي جي اها حالت ڪرڻ ۾ انهن سڀني جو هٿ آهي، جن ڪراچي کي پنهنجو فتح ٿيل شهر سمجهي انهيءَ جي حسن ۽ امن کي پئي لٽيو ۽ هڪ عالمي سطح جي شهر جي روڊن رستن، نالن ندين تي قبضا ڪري انهيءَ کي سوڙهو ڪري ٻوريءَ ۾ بند ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي. اها سوچ ڪراچي جي اردو آبادي کي وسيع دل، کليل دماغ ۽ وطن سان محبت ڪرڻ جي درس ڏيڻ بجاءِ جڏهن تنگ نظري، نسل پرستي، نفرت جو دڳ ڏيکاريندي رهي ته انهيءَ ۾ اها ڪراچي انهن جي لاءِ پنهنجي پيٽ جو گذر بنجڻ لڳي ۽ اهڙي سياست انهن جي قيادت جي اقتدار حاصل ڪرڻ جي لاءِ سستو سودو بڻجي ويو. انهيءَ سوچ کي مهاجر قومي مومينٽ جي نالي سان ته ۸۰ع جي ڏهاڪي ۾ اڀاريو ويو هو پر، اها ساڳي سوچ جماعت اسلامي شروع کان وٺي ڪراچي يونيورسٽي هجي يا ڪراچي جا مجموعي تعليمي ادارا، انهن ۾ اپنائي رکي. موجوده وقت ۾ ڪراچي جي بلدياتي چونڊن واري مرحلي ۾ جماعت اسلامي جي اها سنڌ ۽ سنڌيت مخالف سوچ انهيءَ ماضي جي تربيت جي عڪاسي آهي.

جماعت اسلامي ڪراچي جي ميئرشپ جي اميدوار حافظ نعيم پهرين ڏينهن کان وٺي پنهنجي چونڊ مهم جو جنهن طرح بنياد رکيو، اهو سڌو سنئون سنڌ اندر ڪراچي ۽ باقي سنڌ کي ٻن الڳ حيثيتن ۾ بيهارڻ جي ڪوشش رهي. هن هر وقت اها تبليغ پئي ڪئي ته جيڪڏهن کيس نه چونڊيو ويو ته ڪراچي کان ٻاهران اچي ڪراچي جي مٿان ڌاريا سنڌي حڪمراني ڪندا. اها ساڳي سوچ ماضي جي سڀني ايم ڪيو ايم جي ڌڙن جي پڻ رهي پر ڪنهن جي حرفت سبب اهي مڪاني چونڊن جي مرحلي جو بائيڪاٽ ڪري انهيءَ کان ٻاهر رهيا. شايد اهو انهن ڌرين جي طرفان طئي ڪيل هو ته هن ڀيري ڪراچي جي لوڪل حڪمراني به پيپلز پارٽي جي حوالي ڪرڻي آهي. پيپلز پارٽي جي اڪثريت ڪراچي جي اندر مڪاني چونڊن ۾ چونڊجي ايندڙ قيادت غيرسنڌي ڳالهائيندڙ آهي. ايتري قدر جو پنجابي، پشتون ۽ ٻين اترين علائقن مان لڏي آيل آبادي جي ماڻهن کي به انهن نمائندگي ڏني آهي ۽ ڪراچي جو ميئر ته ٺيٺ مهاجر اردو آبادي منجهان ڪراچي ڄائو ۽ سندس پي ماءُ به ڪراچي ڄاوا آهن، نه ڪي ميمڻ، نه ڪڇي، نه ڪاٺياواڙي يا گجراتي. جڏهن ته حافظ نعيم پاڻ حيدرآباد ۾ ڄائو نپنو وڏو ٿيو ۽ وڏا سندس عليڳڙه مان لڏي آيل هئا. انهيءَ حساب سان ته جيڪڏهن ڪراچي جو ميئر حافظ نعيم بنجي ها ته پوءِ ڪراچي جا ماڻهو چئي ٿي سگهيا ته انهن جي مٿان ٻاهران آيل حڪمراني پيا ڪن. حافظ نعيم کي ته مرتضيٰ وهاب جي ميئر ٿيڻ تي به اعتراض نه هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو ۲۰۰۵ع جي مڪاني چونڊن ۾ مرتضيٰ وهاب جي ماءُ محترمه فوزيا وهاب جماعت اسلامي جي ميئر جي اميدوار نعمت الله خان جي حق ۾ هٿ کنيو هو.

ڪراچي جي اردو آبادي کي اهو سوچڻ گهرجي ته جيڪڏهن انهن جي اها ذهنيت ڪراچي جي ميئرشپ تي سنڌ ۽ ڪراچي جي مقامي ۽ ڌارئي جي تفريق واري سوچ رکي ٿي ته پوءِ سنڌ جو ماڻهو جيڪو صدين کان هتي جو ڌرتي ڄائو ۽ ڌرتي ڌڻي آهي، انهيءَ جي مٿان جيڪڏهن ڪو يو پي، سي پي، بهار يا هندستان جي ڪنهن به علائقي مان لڏي آيل يا لڏي آيل جي نسل مان ڪو سنڌ جو وزير اعليٰ، وزير مشير يا گورنر بڻجي ايندو ته سنڌي انهيءَ کي ڪهڙي نظر سان ڏسندا؟ڪراچي جي مستقل آبادي کي سوچڻ گهرجي ته جيڪڏهن هو سنڌ جي اندر سنڌين سان گڏجي رهڻ گهرن ٿا ته انهن کي ڪراچي جي مڪاني حڪومت جي لاءِ اها سوچ پيدا ڪرڻي پوندي، جيڪا ماضي ۾ پاڪستان کان پهرين ڪراچي ۾ رهندڙ رهواسين جي رهي. جڏهن ڪراچي جو ميئر هڪ پارسي باباءِ ڪراچي جمشيد مهتا هو، ڪراچي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ سائين جي ايم سيد هو ته ڪراچي ميونسپل ڪميٽي جو صدر هرچندراءِ ڀارواني هو. اهي ٽئي ڪردار ڪشاده دل، وسيع نظر ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ انهيءَ دور جي شاندار ڪراچي جا اڏيندڙ هئا.