ڪراچي جي سرجاڻي ٽائون ۾ نوجوان ناري جو سڙيل لاش هٿ

0
413

ڪراچي: سرجاڻي ٽائون گلشن ڪنيز سوسائٽي ۾ نوجوان ناري جو سڙيل لاش هٿ آيو آهي. ايس ايس پي اولهه سهائي عزيز موجب ناري جي عمر لڳ ڀڳ 17 سال آهي، لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو پر لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي آهي. سهائي عزيز ٽالپر موجب لاش جي سڃاڻپ لاءِ فنگرپرنٽس ورتا ويا آهن، ناري کي مڪمل لباس به پاتل نه هو، جڏهن ته ڊي اين اي سيمپل به ورتا ويا آهن.