عيد کان اڳ اسرائيل پاران فلسيطينين تي قيامت برپا، بمباري ۾ 24 ڄڻا شهيد

0
339

تل ابيب: عيد کان اڳ اسرائيل فلسطينين تي قيامت برپا ڪري ڇڏي، غزه تي وحشياڻي بمباري، 130 حملن ۾ ڪيترين ئي رهائشي عمارتن کي نشانو بڻايو ويو ، بمباري ۾ 24 ڄڻا شهيد جڏهن ته ٻارن سميت 180 زخمي ٿي پيا.
حملن ۾ حماس جا 15 ڪمانڊر پڻ مارجي ويا.فلسطيني صدر محمود عباس غزه تي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪئي آهي ۽ عيد جون تقريبون منسوخ ڪيون آهن. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته فلسطينين تي اسرائيلي ڏوهن کي روڪڻ لاءِ فوري ڪارروائي ڪئي وڃي. ميڊيا رپورٽن مطابق ڪالهه غزه کان اسرائيلي علائقي ڏانهن راڪيٽ فائر ڪيا ويا ، جنهن کان پوءِ اسرائيلي پارليامينٽ جي عمارت سائرن جي آوازن سبب خالي ڪرائي وئي. اسرائيلي اختيارين جي دعويٰ آهي ته راڪيٽ حملن ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. اسرائيلي وزيراعظم نتن ياهو جو چوڻ آهي ته حماس ريڊ لائين ڪراس ڪري ورتي آهي ۽ هاڻوڪو تڪرار ڪيترن ئي ڏينهن تائين جاري رهي سگهي ٿو. هن چتاءُ ڏنو ته اسرائيل پوري طاقت سان جواب ڏيندو ۽ حملي ڪندڙن کي سخت قيمت ادا ڪرڻي پوندي. ٻئي طرف غزه جي صورتحال بابت او آءِ سي جي مستقل نمائندن جو اجلاس اڄ ٿيندو جنهن ۾ فلسطينين جي جبري بيدخلي جي معاملي تي غور ڪيو ويندو.