اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز پولنگ وارو عمل مڪمل ٿيڻ تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته عام چونڊون 2024ع لاءِ پولنگ وارو عمل مڪمل ٿيڻ تي انتهائي اطمينان سان اعلان ڪريان ٿو ته ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي مجموعي صورتحال مستحڪم رهي. مان پنهنجي سيڪيورٽي فورسز، قانون نافذ ڪندڙ ادارن ۽ پوليس اهلڪارن جي محنت ۽ پيشورانا مهارت جو اعتراف ڪريان ٿو. انهن فورسز کي پر امن چونڊن لاءِ وڏي پئماني تي وڏي تعداد ۾ مقرر ڪيو ويو، سمورن سيڪيورٽي اهلڪارن جي لاءِ خصوصي مبارڪباد جن ووٽنگ جو عمل پر امن بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته سيڪيورٽي اهلڪارن جي مقرري بلوچستان، ڪي پي ڪي، سنڌ ۽ پنجاب جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ به ڪئي وئي هئي. گهرو وزير چيو ته ڪجهه واقعن کان علاوه مجموعي صورتحال ڪنٽرول ۾ رهي.