ڪاڇي ۾  مسلسل ٻوڏون ۽ ورهين کان رولڙي جو شڪار ٿيل رستا !!!

0
106
ڪاڇي ۾  مسلسل ٻوڏون ۽ ورهين کان رولڙي جو شڪار ٿيل رستا !!!

  چوندا آهن برسات ۽ پُٽ قسمت سان ايندا آهن پر گذريل ٽن سالن کان ڪاڇي واسين جي قسمت ۾ ٻوڏون لکجي چُڪيون آهن. برسات جي ته ڪاڇي جهڙن علائقن ۾ هروقت ضرورت رهي ٿي، پر ان رب جي رحمت کي ٻوڏن ۾ تبديل ٿيڻ ۾ وڏو هٿ ورهين کان حڪمرانن جو رهيو آهي، جنهن جي ڪاڇي جي عوام سان دلي طرح نفرت جي اظهار جو اندازو ان مان ٿئي ٿو ته معمولي برساتن سبب ڪاڇي واسي وڏين ٻوڏن جهڙين مصيبتن کي منهن ڏيندا رهيا آهن. سنڌ ۾ پ پ جي پندرنهن سالن کان حڪومت هوندي به ڪاڇو انتهائي ڏُکين حالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ تڪليفون روڊ رستا نه هئڻ آهي. روڊ رستا نه هئڻ ڪري ٻيون ڪيتريون ئي تڪليفون جنم وٺي رهيون آهن، جنهن جو ازالو گذريل ٽن ڏھاڪن کان وٺي نه ڪيو ويو. بهرحال هن وقت سنڌ ۾ مون سون برساتون شروع ٿي چُڪيون آهن جنهن جو سلسلو ايندڙ ٻن مهينن تائين رهندو پوءِ ڪڏھن گهٽ ته ڪڏھن وڌ برساتون ٿينديون رهنديون. مون سون برساتن جي پهرئين مرحلي ۾ پيل وچولي وسڪاري سان ڪاڇي جي مختلف ننڍن شهرن، ڳوٺن، وسندين، واهڻن جا رستا بند ٿي چُڪا آهن.

اصولي طرح  اڳواٽ سنڌ سرڪار وٽ هڪ طريقيڪار به طئي ٿيل هوندو آهي جنهن ۾ برساتن دوران ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظاميه الرٽ ڪري ۽ ڪروڙين رپيا فنڊز پڻ رکيل هوندا آهن جيڪي عوام الناس جي جاني مالي تحفظ تي خرچ لاءِ رکيل هوندا آهن پر جڏھن برساتون غيرمعمولي شڪل اختيار ڪري ٻوڏن جي صورت اختيار ڪن ٿيون ته نه ئي سنڌ سرڪار جي اڳواٽ طئي ٿيل اها منصوبابندي ڪم ڪري ٿي نه ئي وري انتظاميه ۽ اهو پئسو ظاهر ڪيو وڃي ٿو. بس پوءِ عوام انهي قيامت جي گهڙين کي پاڻمرادو منهن ڏيندي رهي ٿي. هن وقت موسميات کاتي جڏھن اربن توڙي رورل فلڊ جي وارننگ ڏني، تڏھن به سنڌ سرڪار جون اکيون ڪونه کليون آهن. هن وقت سڀ کان وڌيڪ ڪاڇو متاثر ٿي رهيو آهي ۽ هي ٽيون سال آهي جو مسلسل ڪاڇي ۾ ٻوڏون اچي رهيون آهن ۽ برساتون ڪاڇي جي لاءِ هڪ طرف جياپو آهن ته ٻئي پاسي سرڪاري نااهلي سبب اهي وڏين مصيبتن جي شڪل ۾ ظاهر ٿي رهيون آهن ۽ مصيبتن جو اصل ڪارڻ روڊ رستا نه هجڻ آهي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ پريشانيون کاڌ خوراڪ جي رسائي ۽ صحت جي سهولتن کي ايمرجنسي حالتن ۾ ممڪن بڻائڻ ھوندو آهي.

برساتن سبب سنڌ حڪومت ۽ دادو  ضلعي انتظاميه چونڊيل نمائندن عوام جي هن بنيادي مسئلي تي ٽن ڏهاڪن کان ڪو به توجھ ناهي ڏنو ۽ پوءِ صورتحال ايتري حد تائين خراب ٿي ويندي آهي جو هزارين ماڻھن جو جوهي تعلقي ۽ دادو ضلعي هيڊڪوارٽر تائين  زميني رابطو ڪٽجي وڃي ٿو، ٽرانسپورٽ رابطا معطل ٿيڻ سبب کاڌ خوراڪ جون شيون ته ختم ٿين ٿيون پر بکن ۽ بيمارين وگهي ماڻھن جون زندگيون داءُ تي لڳل هجن ٿيون. هن وقت به اهڙي سنگين صورتحال پيدا ٿي وئي آهي هن سال چئوماسي جون برساتون سيپٽمبر تائين رهڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. جنهن سبب خاص طور سنڌ جي پسمانده ۽ پُٺتي پيل علائقي جي رهواسين کي خوف ورائي ويو آهي ۽ ھن سال گذريل سال پيل برساتن کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي. خاص طور گذريل ٽن سالن کان مسلسل ڪاڇي ۾ نئين گاج جي آيل ٻوڏن سبب تباه ٿيل رستا ته نه ٺهيا پر ان کان بچاءُ خاطر ڪٿان به ڪو متبادل رستن جو طريقيڪار نه جوڙيو ويو آهي جو ڪنهن ايمرجنسي حالت ۾ علائقي واسين کي محفوظ جڳهن تائين منتقل ڪري سگهجي يا کاڌ خوراڪ جي شين جي رسائي سميت صحت جي سهولتن کي ممڪن بڻائي سگهجي.

پ پ سرڪار هرسال خاص طور ڪاڇي جي روڊ اسڪيمن لاءِ ڪروڙين رپيا پراونشل کاتي ۽ روڊس کاتي کي جاري ته ڪندي رهي آهي، پر ڪاڇي جو ڪوبه روڊ رستو پايه تڪميل تي نه پهتو آهي رپيئرنگ جي مد ۽ نين اسڪيمن جي آڙ ۾ ڪروڙين رپيا کائي چٽ ڪيا ويا ۽ جڏھن ڪاڇي ۾ معمولي برسات به ٿئي ٿي ته سرڪار جون اهي دعوائون وائکيون ٿي وڃن ٿيون جتي اهي ڪروڙين رپيا خرچ ڏيکاريا وڃن ٿا. ڪاڇي ۾ جڏھن به برسات ۽ ٻوڏن ۾ علائقي واسين کي جيڪي تڪليفون آيون آهن اهي عوام جي پنهنجي غلطين نه پر حڪمرانن جي نااهلي سبب آيون آهن ۽ جڏھن به ماڻھو ٻوڏن ۾ ڦاٿا آهن انهن کي فضائي مدد ذريعي ڪڍيو ويندو آهي. برسات جڏھن به معمولي صورت ۾ وسي ٿي اها رحمت بڻجي وڃي ۽ جڏھن اها غيرمعمولي صورت ۾ وُٺي آهي اها تباهين، ٻوڏن ۽ بربادين جو سبب بڻيل رهي آهي. دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ قدرتي آفتن کان بچڻ لاءِ بهتر نظام لاڳو ٿيل آهن، جن انتظامن کي ايمرجنسي دوران فوري طور فعال بڻايو ويندو آهي ۽ ماڻهن جي جان ۽ مال جي تحفظ کي فوري طور يقيني بڻايو ويندو آهي. اسان جي حڪمرانن جي ناقص پاليسن سبب ٻوڏون هجن يا ٻيون قدرتي مصيبتون انهن کان عوام کي بچائڻ لاءِ ڪي به جوڳا انتظام ٿيل ناهن. هتي ته صرف مصيبتن کي حڪمرانن جي ڪمائي سمجهيو وڃي ٿو.

پ پ سرڪار جي ڪارڪردگي خاص طور دادو ضلعي ۽ جوهي تعلقي جي ڪاڇي وارن علائقن ۾ ڪٿي به نظر نٿي اچي. حڪمران صرف عوام جي تذليل ۾ اڳڀرا رهيا آھن، تازو پيل وسڪارن کان پوءِ جيڪي پريشانيون هتان جي عوام کي روڊن جي سهولت نه هئڻ ڪري اچي رهيون آهن، انهن تڪليفن جو احساس صرف هتان جي مسڪين ماروئڙن کي ٿي رهيون آهن، جنهن جا ٻچا بيمارين جي حالتن ۾ وچ رستن تي تڙپي تڙپي مري رهيا آهن. ڇا سنڌ سرڪار ۽ سندن حمايتي اهڙي ناقص ڪارڪردگي کي اڃا به بهتر پيش ڪرڻ جون دعوائون ڪري سگهن ٿا.

ڪاڇي ۾ گذريل ٽن ورهين کان آيل مسلسل ٻوڏن ۾ تباهه ٿيل رستن کي هٿ وٺي نه ٺاهيو ويو. گذريل پنجاهه ورهين کان ڪاڇو ٻوڏن توڙي برساتن ۾ متاثر ٿيندو رهيو پر روڊ رستن جي نظام کي ڪڏھن به دلچسپي وٺي نه ٺهرايو ويو. هزارين رهواسي اڄ به هن بنيادي سهولت کان محروم آهن. دنيا اڳتي وڌي رهي آهي ناقص حڪمراني سبب ڪاڇو ريورس گيئر ۾ وڃي رهيو آهي. پ پ سرڪار جڏھن ڀُٽو جي نعري تي ووٽ وٺي پئي ته ان جي منشور تي ڪيتري قدر عمل ڪيو آھي عوام کي ڪيتريون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن جيڪڏهن سنڌ سرڪار ڪاڇي واسين کي ٻيو ڪُجھه نه ٿي ڏئي سگهي ته ڇا روڊ به هتان جي عوام جو حق ناهي؟ ڪاڇي جي هزارين ماڻھن جي اهڙن احساسن ۽ ارمانن کي تڪ جي چونڊيل نمائندن کي سمجهڻ سوچڻ جي صلاحيت ڪڏھن ايندي؟ ڪاڇي جا هزارين انسان به اهڙيون ئي سهولتون گهرن ٿا جيڪڏھن انهن کي ٻيو ڪُجھه نٿو ڏنو وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ قدرتي آفتن ۽ مصبتن ۽ ٻوڏن کان بچڻ لاءِ انهن کي اهڙا معياري رستا ته جوڙائي ڏنا وڃن، جيئن هو ڪنهن طريقي سان سرڪاري همدردي ئي نه سهي پاڻمرادو محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ته ٿي سگهن.