ڪراچي: ڪراچي جي واپارين سنڌ ٽاسڪ فورس جي هفتي ۾ 2 ڏينهن ڪاروبار بند ڪرڻ ۽ شام 6 وڳي تائين ڪاروبار جي اجازت ڏيڻ واري فيصلي کي واپارين جو معاشي قتل قرار ڏئي ڇڏيو، ان ڏس ۾ تاجر اتحاد ۽ تاجر ايڪشن ڪاميٽي جي سربراهه ميان عتيق مير چيو آهي ته سنڌ ٽاسڪ فورس واپارين کان صلاح مشورو ڪرڻ کانسواءِ ڪاروبار بند ڪرڻ جو هڪ طرفو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو اسان لاءِ ڪورونا کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي، هن چيو ته شام 6 وڳي ڪاروبار بند ڪرائڻ سان بازارن ۾ رش وڌندي، جڏهن ته روڊن تي ٽريفڪ جام ٿي ويندي، هن چيو ته شادي هال ۽ هوٽلون بند ڪرڻ سان هزارين ڏهاڙي مزدور بيروزگار ٿي ويندا، هن چيو ته واپارين ڏيڍ سال دوران گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن، هاڻ وفاقي ۽ سنڌ سرڪار اسانکي ڏنل ٽيڪس واپس ڪن، هوڏانهن تاجر اتحاد حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ اڄ اجلاس طلب ڪري ورتو، ٻئي طرف آل ڪراچي ريسٽورنٽس ايسو سيئشن جي وائيس چيئرمين عمران شيخ ۽ فيضان راوت چيو ته سرڪار پوليس ذريعي ڪاروبار زبردستي بند ڪرايو ته اسين وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻو هڻنداسين.