ڪئناڊا اچڻ لاءِ نوجوان شاگرد/شاگردياڻيون ڌيان ڏين … دليپ رتناڻي ٽورنٽو- ڪئناڊا

0
202
ڪئناڊا اچڻ لاءِ نوجوان شاگرد/شاگردياڻيون ڌيان ڏين ... دليپ رتناڻي ٽورنٽو- ڪئناڊا

هي معلومات نوجوانن لاءِ آهي، جيڪي ڪئناڊا اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اچڻ جو ارادو رکن ٿا، سڀ کان پهرين نوجوانن کي ILETS يعني انگلش ٻولي جو امتحان ڏيڻو آهي، ان امتحان ۾ 6.5 کان مٿي اسڪور هجڻ ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته ڪئناڊا جي ڪنهن به يونيورسٽي يا ڪاليج ۾ آئي ليٽ سرٽفيڪيٽ کانسواءِ داخلا نٿي وٺي سگهجي.

                         جڏهن ILETS جو سرٽفيڪيٽ هٿ ۾ آهي ته ان کانپوءِ يونيورسٽي يا ڪاليج سرچ ڪري آن لائين اپلائي ڪري سگهجي ٿو.

                         ڪئناڊا ڪافي مهانگو ملڪ آهي، ڪئناڊا جون يونيورسٽيون به ڳري فيس چارج ڪن ٿيون، ڇاڪاڻ ته معياري تعليم ڏين ٿيون ۽ اڳيان هلي نوڪري به ملي ٿي ۽ پوءِ ورڪ پرمٽ وٺي توهان سٽيزن شپ به وٺي سگهو ٿا.

                         ڪوشش ڪري ننڍن ڪورسز جي چونڊ ڪريو جيڪي ٻن سالن جا هجن، ڇاڪاڻ ته ننڍا ننڍا ڪورس ڪرڻ سان ڪئناڊا ۾ نوڪري آساني سان ملي وڃي ٿي ۽ خرچ به گهٽ لڳي ٿو ۽ باقي ٻه سال جو ڪورس وري ڪمائي ڪري پوءِ به ڪري سگهجي ٿو. توهان چار سالن واري ڊگري ڪورس لاءِ به اپلائي ڪري سگهو ٿا پر ان جي ڪاسٽ تمام گهڻي ٿي وڃي ٿي جيڪا شاگردن جي پهچ کان مٿي هلي وڃي ٿي.

ٻارنهن درجي کانپوءِ شاگرد هتي داخلا وٺي سگهن ٿا.

داخلا لاءِ مختلف ڪاليج به آهن ته يونيورسٽيون به آهن.

ڪئناڊا جي ڪاليجن ۾ همبر ڪاليج، موهاڪ ڪاليج، سَينيڪا ڪاليج، شيرڊن ڪاليج، ليمبٽن ڪاليج، ڪئمبرج ڪاليج، سينٽ ڪليئر ڪالج، سينٽ لارينس کان علاوه ڪافي ڪاليج آهن، سڀ ڪاليج ٽاپ جا ڪاليج آهن.

توهان www.ontariocolleges.ca جي ويب پيج تي وڃي ڪاليج ۽ ڪورس ڳولي سگهو ٿا.

ڪاليج جو ٻن سالن جو پروگرام تقريبن 15 هزار ڊالر خرچو کائي سگهي ٿو.

جيڪڏهن توهان بيچلر پاڪستان ۾ ڪريو ٿا ته ماسٽر ڊگري ڪئناڊا ۾ ٻن سالن ۾ ڪري سگهو ٿا. ماسٽرس ڪرڻ جو خرچ تقريبن 20 هزار ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي ان کانپوءِ ورڪ پرمٽ آساني سان ملي سگهي ٿو.

ماسٽرس لاءِ يونيورسٽيز ڳولڻ لاءِ هن ويب پيج کي وزٽ  www.studying-in-canada.org ڪريو ۽ ڪجهه بنيادي معلومات به وٺو.

اهم ڳالهه ته آئي ليٽ جو سرٽفڪيٽ هجڻ گهرجي.

پڙهائي جو مناسب خرچ به هجڻ گهرجي، پڙهائي سان گڏ هتي پارٽ ٽائم نوڪري به ڪري سگهجي ٿي. اڪثر شاگرد شام جو نوڪري ڪري جيب خرچ ڪمائي وٺندا آهن.

ڪئناڊا اچڻ لاءِ پلاننگ ڪرڻ تمام ضروري آهي ۽ داخلائون سال ۾َ ٻه دفعا کلنديون آهن، انهن تاريخن (ڊيڊ لائين) جو خاص خيال به رکڻ گهرجي.

ان کان علاوه هتي پهچڻ کانپوءِ ڪوبه مسئلو ناهي جيڪا به مناسب هيلپ شاگردن کي گهربل هوندي آهي اها ملي وڃي ٿي. ڪئناڊا جا ماڻهو به ڪافي فرينڊلي آهن، ماحول به سٺو آهي موسم پنج مهينا ٿڌي هوندي آهي ۽ برفباري به ٿيندي آهي.

هڪ ڳالهه ذهن نشين هجي ته نوجوانن وٽ آئي ليٽ جو سرٽيفڪيٽ هجڻ ضروري آهي.  وڌيڪ معلومات لاءِ www.cic.gc.ca ويب پيج به وزٽ ڪري سگهجي ٿو. (فيس بوڪ تان ورتل)