بوئنگ #boing … جاويد حالتي شڪاگو -آمريڪا

0
289
بوئنگ #boing ... جاويد حالتي شڪاگو -آمريڪا

  جاگرافي سيريز ۾ ڪمرشل جاگرافي جي حساب سان اڄ جي پوسٽ دنيا جي وڏي هوائي جهازن جي ڪمپني بوئنگ بابت آهي . بوئنگ آمريڪا جي ملٽي نيشنل پبلڪ ڪمپني آهي جيڪا جهازن کي ڊزائين ڪري ۽ ٺاهي ٿي .ان کان علاوه هيليڪاپٽر روٽوڪرافٽ راڪيٽ سيٽلائيٽ ٽيليڪميونيڪيشن جا اوزار ميزائيل خلائي شٽل ۽ جيو اسٽيشنري آربٽ به ٺاهي ٿي . بوئنگ دنيا جي ٽيئن وڏي ڊفينس ڪانٽريڪٽرڪمپني به آهي .

پراڻو نالو . پئسيفڪ ايرو پراڊڪٽ 1916-17

بوئنگ ايروپلين ڪمپني 1917 -61

باني وليم بوئنگ . جنهن سيٽل واشنگٽن ۾ 15 جولاِءِ 1916 تي هي ڪمپني کولي ۽ موجوده ڪارپوريشن بوئنگ جو مڪڊونلڊ دوگلس سان الحاق سبب جُڙي . وليم بوئنگ ڪاٺ جو وڏو صنعتڪار هيو پر هوابازي سندس جو شوق هيو .

ڪمپني قسم . ايرو اسپيس ۽ ڊفينس ريسرچ .

روينيو .67 ارب ڊالر

اثاثا . 137 ارب ڊالر

آمدني 8 ارب ڊالر .

ملازم .156.000- هڪ لک 56 هزار

بوئنگ جون 15 ٻيون ننڍيون ڪمپنيون به آهن .

جن ۾ خاص ڪري ارورا فلائيٽ سائنسز

ايوال سروسز

بوئنگ ايئرڪرافٽ هولڊنگ، بوئنگ يوڪي، انڊيا، آسٽريليا، ڪئناڊا، جاپان شامل آهن . هيڊڪوارٽر . شڪاگو الونوائس . آمريڪا . فارچون ميگزين بوئنگ کي دنيا جي 54 هين وڏي ڪمپني قرار ڏنو آهي . دنيا جي سڀني نالي وارين يونيورسٽين سان تحقيق جي لحاظ کان معاهده ٿيل آهن جيڪو سندس ڪاميابي جو اصل راز به آهي . ِ1995 ع ۾ روس يوڪرين ۽ ناروي جي گڏيل ڪمپني sea launch سان معاهدو جيو اسٽيشنري آربٽ سيٽلائيٽ ٺاهڻ شروع ڪيائون . ساليانو 480 کان مٿي جهاز دنيا جي آسمان ۾ بوئنگ جا به اڏامن ٿا ۽ 150 کان مٿي ملڪ ان جا خريدار به آهن اهو ان ڪري جو هي ليزنگ ڪمپني به آهي ۽ جهاز ليز تي به ڏيندا آهن . بوئنگ جو بوئنگ 737 ميڪس جهاز سال 2018 -19 ۾ لڳاتار حادثن سبب گرائونڊ ڪيو ويو جنهن بوئنگ جي شهرت کي وڏو ڌڪ رسايو ۽ دنيا ۾ ان نمبر جا 387 جهاز به هميشه لاِءِ بند ڪيا ويا آهن ۽ بوئنگ کي اربين ڊالر ڏنڊ ۾ ڏيڻا آهن . بوئنگ جي ان جهاز جي حادثن سبب اڄ Airbus جي A380 ۽ بئيگلا جو ناماچار آهي . بوئنگ وٽ اڄ به ڏهه هزار جهازن جا آرڊر آهن ۽ هي دنيا ۾ 19 هزار کان مٿي جهاز هيليڪاپٽر ۽ راڪيٽ ڏئي چڪا آهن . بوئنگ جا مشهور برانڊ ،737 ،777 ،747 ،767 787 آهي . پاڪستان ۾ پي آءِ اي وٽ اڪثر جهاز بوئنگ جا رهيا ۽ پهريون نئون جديد جهاز 747 پي آءِ اي 1976 ۾ خريد ڪيو . بهرحال ڪاٺ جي ٺهيل بلڊنگ ۾ شروعات ڪندڙ بوئنگ ڪمپني اڄ ساري دنيا ۾ ڪم ڪري ٿي ۽ خلا ۾ ڇڏيل 5 هزار کان مٿي راڪيٽ شٽل ۽ سيارن مان اڪثر هن ڪمپني جا آهن ۽ هن ڪمپني سان مقابلو ڪندڙ هڪ ئي يورپي ڪمپني Airbus آهي . جنهن بوئنگ سان سڌو ٽڪر کاڌو آهي… . (فيس بوڪ تان ورتل)