کير وٺڻ دڪان تي آيل شخص ڪروڙ پتي بڻجي ويو

0
479
کير وٺڻ دڪان تي آيل

واشنگٽن(انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ ڪافيءَ لاءِ کير وٺڻ لاءِ دڪان تي ايندڙ شهري مٿان قسمت مهربان ٿي پئي. ميڊيا رپورٽن موجب امريڪي رياست ڏکڻ ڪيرولينا ۾ قائم کير جي دڪان جي ڪائونٽر تان شهري هڪ ڏينهن اڳ لاٽري خريد ڪئي ٻئي ڏينهن ئي جڏهن هو کير وٺڻ لاءِ اتي پهتو ته ڪروڙين رپين جي لاٽر نڪتي جنهن سبب هو تمام گهڻو خوش ٿي ويو

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته شهري جا لاٽري مان 2 ملين امريڪي ڊالر نڪتا جيڪي پاڪستاني 40 ڪروڙ رپيا ٿين ٿا. خوش قسمت شخص جي خواب ۾ به نه هو ته جيئن کير وٺڻ لاءِ دڪان تي پهچندس ته منهنجي نالي جي لاٽري نڪتل هوندي

امريڪي شهري وڌيڪ چيو ته مونکي يقين نٿو اچي ته مان 2 ملين امريڪي ڊالرز کٽي چڪو آهيان، پنهنجي خوشي کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهان