پاڪستاني جبل چاڙهو سرباز ۽ ڪاشف وڌيڪ هڪ اعزاز ماڻي ورتو

0
235
پاڪستاني جبل چاڙهو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز)  جبل چاڙهو شهروز ڪاشف دنيا جي پنجن بلند ترين چوٽين تي چڙهندڙ سڀ کان ننڍي عمر وارو جبل چاڙهو بڻجي ويو، جڏهن ته سرباز علي 8 هزار ميٽرن کان مٿي 11 چوٽيون سر ڪندڙ پهريون ۽ واحد پاڪستاني بڻجي ويو آهي

33 ورهين جي سرباز علي ۽ 20 سالن جي شهروز ڪاشف جمعي جي رات 8 وڳي مائونٽ ميڪو ڏانهن پنهنجو آخري سفر شروع ڪيو ۽ ڇنڇر جي صبح 6 وڳي 8 هزار 463 ميٽرن جي چوٽي تي پهتا

33  سالن جي سرباز علي 8 هزار ميٽرن جي بلند 14 چوٽين مان يارهين چوٽيون سر ڪري ورتيون. هن ڪجهه ڏينهن اڳ دنيا جي ٽين بلند ترين چوٽي ڪنچن جهنگا به سر ڪئي هئي ۽ هن جي 14 چوٽيون سر ڪرڻ ۾ باقي گيشر برمون، شيش پنمگا ۽ چوايو کي سر ڪرڻ باقي رهجي ويو

سرباز خان 11 اليون هيڊ ڪرڻ وارو پهريون پاڪستاني آهي, ٻئي طرف 20 ورهين جو شهروز ڪاشف مائونٽ مڪالو تي چڙهائي ڪندڙ دنيا جو سڀ کان ننڍي عمر جو جبل چاڙهو بڻجي ويو