ڏوڪري (ن پ ا) ڏوڪري تعلقي ۾ برساتن جي تباهي بعد وڌندڙ مهانگائي سبب پورهيت طبقي کان خوشي ۽ خريداري ئي وسري وئي آهي. تعلقي جو عوام خريداري جي قوت ئي وڃائي ويٺو آهي. ڏوڪري شهر سميت مختلف علائقن موهن جو دڙو، ٻلهڙيجي، بگي، ڪاراڻي، ٽاٽڙي، ويهڙ، عالماڻي، سيهڙ ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين جاويد احمد، مسعود ٻگهيو، ضمير حسين، طفيل ٿهيم ۽ ٻين چيو ته برسات ۾ ٿيل نقصان جو حڪومت ازالو ناهي ڪيو، عيد جي خريداري جو سوچي  به نه ٿا سگهون. پورهيتن جو چوڻ هو ته حڪومت کائڻ پيئڻ جي شين جي اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. مهانگائي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، 2 ويلن جي ماني جو بندوبست ڪرڻ ئي مشڪل آهي ته عيد خريداري ڪٿان ڪري سگهنداسين. هنن چيو ته عيد جون خوشيون غريبن کان ڏور ٿينديون پيو وڃن. هوڏانهن شهر جي بازارن ۾ به عيد کان اڳ خريداري به نہ هجڻ جي برابر آهي. ان ڏس ۾ دڪاندار عرفان علي، عامر علي، وحيد علي ۽ ٻين چيو ته برسات جي تباهه  ڪارين بعد ماڻهن ۾ خريداري جي سگهه ناهي رهي جنهن ڪري بازارن ۾ ٻاڙائي جو رُجحان آهي.