سکر: سنڌ حڪومت ڪچي واري علائقي ۾ مقرر پوليس اهلڪارن کي ڪچو الائونس ڏيڻ ۽ درياهه ۾ مقرري لاءِ درياهي پوليس جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي. سکر ۾ اجلاس دوران وڏي وزير ڪچي وارن علائقن ۾ ڊيوٽي ڏيندڙ پوليس اھلڪارن کي ڪچو الائونس ڏيڻ لاءِ آءِ جي پوليس کي پرپوزل ڏيڻ جي ھدايت ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ آءِ جي پوليس کي ھدايت ڪئي ته ڪچي ۾ ريورائن پوليس (Riverine Police) جوڙڻ جي تجويز جو پرپوزل بڻايو وڃي. وڏي وزير ڪچي وارن علائقن ۾ روڊن جي مرمت ۽ ٻيھر تعمير ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو. انھيءَ کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ پاران گھوٽڪيءَ ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اھلڪارن جي شھادت جو نوٽس وٺندي آءِ جي پوليس کان تفصيلي رپورٽ گھري ورتي آھي. ھن وڌيڪ چيو ته اھو واقعو ڪيئن  ٿيو؟ مونکي واقعي جي تفصيلي رپورٽ ڏني وڃي. وڏي وزير ڌاڙيلن خلاف ڀرپور آپريشن جي ھدايت ڏيندي چيو ته مونکي پوليس اھلڪارن جا قاتل ڪنھن به صورت گرفتار گھرجن. سيد مراد علي شاھھ چيو تھ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ پوليس جون قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آھن. ھن وڌيڪ چيو ته شھيد پوليس آفيسرن ۽ اھلڪارن جي جرئت کي سلام ڪيان ٿو. وڏي وزير شھيد پوليس آفيسرن ۽ اھلڪارن جي گھرڀاتين سان گھري ڏک جو اظھار ڪيو آھي. ٻي طرف وڏي وزير مراد شاهه شهيد ايس ايچ او عبدالماڪ ڪمانگر جي تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي، جنهن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پهريان پوري صوبي ۾ بدامني هئي، ماضي ۾ مان پاڻ ڳڙخدابخش پوليس ڪانوائي ۾ ويندو هئس، شام جو ماڻهو ٻاهر نڪري نه سگهندا هئا، پوليس ڪٿي ڪٿي فوج جي جوانن جي نگراني ۾ سفر ڪيو ويندو هو، پ پ بدامني خلاف جنگ شروع ڪئي، گهوٽڪي، ڪشمور سميت ٽن ضلعن ۾ امن امان جو مسئلو آهي، جن کي پنجاب ۽ بلوچستان جون سرحدون  لڳن ٿيون، گهوٽڪي وارو واقعو مغوين جي بازيابي دوران واقعو پيش آيو، سنڌ ۾ امن آهي ٽن ضلعن مسئلو آهي، هٿيار سنڌ ۾ نٿا ٺهن نه ملڪ ۾ هي ٻاهران اچن پيا، جديد قسم جا هٿيار جيڪي هن ملڪ ۾ به نٿا ٺهن اهي ڏوهارين وٽ ڪيئن ٿا پهچن؟، ضرور  بارڊر ذريعي اچن ٿا، ڪيئن ٿا اچن، اهو پوليس کي ٽاسڪ ڏنو آهي، جيسيتائين هٿيارن جي آمد نٿي روڪي سگهجي تيستائين ڪاميابي ممڪن ناهي، قانون تحت پوليس کي خاص هٿيار رکڻ جي اجازت آهي، محافظ هٿيار خريد نٿا ڪري سگهن پر ڏوهارين تائين پهچن ٿا. مان وڏو وزير آهيان جديد هٿيار ڏوهارين وٽ  هجڻ جو اعتراف ڪيان پيو. جديد سامان خريد ڪرڻ لاءِ سوا ٽي ارب روپين جي هن سال منظوري ڏني آهي. هن چيو ته گهوٽڪي جي ڪچي ۾ امن ناهي پوليس نفري وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڪچي ۾ ٿاڻا ۽ سهولتون ڏنيون وينديون، پورو سنڌ هڪ لک 41 هزار اسڪوائر ڪلوميٽر علائقو آهي ان مان جيڪڏهن 50 يا سو اسڪوائر ڪلو ميٽر ۾ بدامني آهي اتي بدامني قابل قبول ناهي، پوليس کي جتي رڪاوٽون آهن انهن کي ڏسون پيا، پوليس ۾ ڀرتيون مئرٽ ۾ ٿي رهيون آهن، پوليس ۾ سياسي مداخلت ناهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير جو چوڻ هو ته ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان جيڪا سياسي شخصيت خلاف رپورٽ ڏني هئي اها انڪوائري ۾ ڪوڙي نڪتي هئي. هڪ سوال جي جواب ۾ مراد شاهه چيو ته شهيد اهلڪارن جي لاءِ هڪ ڪروڙ ۽ نوڪري پاليسي موجب ڏني ويندي، هن وڌيڪ چيو ته  شهيد ڊي ايس پي ۽ ايس ايچ اوز کي 2 ڪروڙ ۽ پاليسي مطابق نوڪري ڏني ويندي