اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پاران ڏهين ۽ ٻارهين درجي ۾ فيل ٿيندڙ  شاگردن کي 33 سيڪڙو مارڪون ڏئي پاس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، تفصيل موجب تعليم جي وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت ۾ بين الصوبائي تعليم جي وزيرن جو اجلاس ٿيو، اجلاس جي حوالي سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي تعليم جي وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته بين الصوبائي تعليم جي وزيرن جي 32هين  اجلاس ۾ ڪورونا جي صورتحال، نئين تعليمي سال جي آغاز ڪرڻ ۽ ٻين مامرن تي غور ڪيو ويو، جلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڏهين ۽ ٻارهين درجي ۾ فيل ٿيندڙ شاگردن کي 33 سيڪڙو مارڪون ڏئي انهن کي پاس ڪيو ويندو، اهو به فيصلو ڪيو ويو ته بورڊن جا امتحان مئي ۽ جون ۾ ٿيندا، ايندڙ تعليم سال 22 آگسٽ کان شروع ٿيندو، او ۽ اي ليول جا امتحان شيڊول مطابق ٿيندا، تعليمي ادارا ان حوالي سان پنهنجو ٽائيم ٽيبل ٺاهيندا، اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته تمام درجن جو نصاب اپريل ۽ مئي تائين مڪمل ڪري ان مامري کي يقيني بڻايو ويندو ته چونڊ نصاب بجاءِ مڪمل نصاب مان امتحان ورتا وڃن، هن اهو به چيو آهي ته تعليم جي وزيرن جو موقف هو ته وسيع پيماني تي ويڪسين ڪرڻ بعد تعليمي ادارن کي جلد کوليو وڃي ته جيئن تعليم جو نقصان گهٽ ۾ گهٽ ٿي سگهي، ان حوالي سان اين سي او سي سامهون تجويزون رکيون وينديون، هوڏانهن سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه ڏهين ۽ ٻارهين جي فيل ٿيل شاگردن کي پاس ڪرڻ وارو وفاقي فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، تعليم جي صوبائي وزير سيد سردار شاهه نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته شفقت محمود جي اعلان سان سنڌ متفق نه آهي، تعليمي وارن وزيرن جي اجلاس جي سمورن فيصلن تي سنڌ راضِي آهي، هن چيو ته سنڌ م امتحان ٿي چڪا آهن ۽ ڪورونا وبا دوران بهترين انداز ۾ امتحان ڪرايا، تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاهه جو چوڻ هو ته سال ۾ 2 ڀيرا امتحان جي تجويز کي اسٽيئرنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ رکنداسين، ڪاميٽي جي فيصلي کي ئي حتمي فيصلو تصور ڪيو ويندو.