ڏهرڪي (ن پ ا) ڏهرڪي لڳ ڳوٺ مٺڻ شر جي رهواسي هاري حفيظ الله کوسو معصوم پٽ نعمت الله کوسو سميت پريس ڪلب پهچي دانهيندي چيو ته نرلي واسي دڪاندار ڏانهن وياج جا 2 لک رهيل آهن جنهن تان وياجي 185 مڻ ڪڻڪ کسي ورتي آهي، هن چيوته وياجي کي منٿون ڪرڻ باوجود هن منهنجي هڪ به نه ٻڌي، جنهن بعد پٽ کي روئيندو ڏسي پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڳوٺاڻن بچائي ورتو، هن مطالب ڪيو ته وياجي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.