ڊکڻ: ڊکڻ جي سجاد ڪالوني ۾ ٽريڪٽر معصوم ٻارڙيءَ کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو. چئن ورهين جي معصوم ٻارڙي عريزا ڌيءَ اعتبار لاشاري گهٽي ۾ راند کيڏي رهي هئي ته ٽريڪٽر کيس چيڀاٽي ڇڏيو. معصوم نينگري کي ڊکڻ جي پرائيويٽ اسپتال آندو ويو جتي هوءَ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي، واقعي بعد معصوم ٻارڙي جا وارث سندس لاش موٽر سائيڪل تي کڻائي ويا، جيڪو گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.