ڊکڻ ڀرسان ٻن ڌرين ۾ تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل

0
160

ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ ڀرسان ڳوٺ ماهي خان شر ۾ زمين جي مالڪي تان تڪرار تيز ٿي وئي، فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو قتل ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، متاثر ڌر پاران ڌرڻو هنيو ويو آهي

تاجل شر جي ڌر جي عورتن ۽ مردن رند شر، حق نواز ۽ سڪينا خاتون جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ۽ چيو ته شبير شر جي ڌر جي ماڻهن فائرنگ ڪري احمد نواز شر کي قتل ۽ ٻن ڄڻن کي گوليون هڻي زخمي ڪيو آهي

هنن دانهيو ته پوليس لاش ۽ زخمين کي کڻائڻ نٿي هلي، فائرنگ جاري آهي، وڏو ظلم ٿيو آهي، ڊکڻ پوليس ڪالهه کان ونگاري بڻيل آهي، ايس ايس پي شڪارپور تنوير نوٽيس وٺي انصاف ڪري