حيدرآباد (بيورورپورٽ) خيرپور ضلعي ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر جو عهدو ميوزيڪل چيئر بڻجي ويو آهي. صحت کاتي سنڌ پاران 19هين گريڊ جي ڊاڪٽر قدم علي ڄامڙو کي 14 سيپٽمبر تي ڊي ايڇ او خيرپور مقرر ڪيو ويو هو. سندس جاءِ تي مقرر ڊاڪٽر رحمت الله سولنگي کي راڻيپور رورل هيلٿ سينٽر جو ايم ايس مقرر ڪيو ويو هو. 15 ڏينهن بعد ڊاڪٽر رحمت الله سولنگي کي رورل هيلٿ سينٽر راڻيپور جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ جي عهدي تان هٽائي ٻيهر ڊي ايڇ او خيرپور مقرر ڪيو ويو آهي. سندس جاءِ تي مقرر ڊاڪٽر قدم علي ڄامڙو کي صحت کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.