ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي اوڀر جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت آن لائين فراڊ ڪرڻ ۽ ملڪي ساک کي نقصان رسائڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڊيجي ٽانڪس جي سي اِي او برهان مرزا سميت 6 جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت چيمبر ۾ ڪيس جو مختصر فيصلو ٻڌائيندي چيو ته شاهدين جي روشني ۾ جوابدارن کي ضمانت تي آزاد ڪري نٿو سگهجي، ڄاڻايل ڪيس ۾ عميس روحيل، غياث غزالي، ڪميل رضا، دانش الزمان ۽ منيب علي نامزد آهن، جڏهن ته 2 جوابدار نعمان جاويد ۽ الهان پرويز ضمانت تي آزاد آهن.