ايم بي سومرو

 مونکي “پنهنجي اخبار” جي مڪمل ٿيل چئن سالن جي سفر تي نيوز ايڊيٽر لکڻ لاءِ چيو، اهو  طئه ٿيو ته خاص طور مڪمل ٿيل چوٿين  سال دوران پنهنجي اخبار اسلام آباد جي خبرن جي حوالي سان ٻين اخبارن خاص طور تي سنڌي اخبارن کان منفرد، مختلف ۽ نمبر ون ڪيئن آھي بابت حوالن سان لکندس پر خبر ناهي ڇو پنهنجي اخبار جي مڪمل ٿيل چئن سالن جي سفر تي لکندي منهنجي سامهون اوچتو اهو سوال ڪر کڻي بيهي رهيو آهي ته پنهنجي اخبار جي شروعات ڇو ٿي؟

                         سچ ته اهو سوال ذهن ۾ ايندي ئي من اندر جي ڪيفيت ئي تبديل ٿي وئي. اداسي پير پکيڙي وجود تي طاري ٿيل محسوس ٿي رهي آھي. مان ان سوال جو جواب ته نٿو ڏيڻ چاهيان، پر ان تي سوچڻ به نٿو چاهيان! ڇو ته ان سوال جي جواب ۾  لڱ ڪانڊاريندڙ درد، جهوري ۽ لوڏي وجهندڙ پيڙا، رشتن جي بي حسي جي درد ڪٿا سمايل آھي.  ان سوال جي جواب طرف ان ڪري به نٿو وڃڻ گهران جو ان سوال پويان ڪنهن جي عمر ڀر جي پورهئي تي ٿيل قبضي جو داستان به آھي جيڪو داستان  ٻڌائي سگهڻ جي همٿ تہ اٿم ئي نه پر ان تي سوچڻ سان ئي روح زخمي ٿيندي محسوس ٿئي ٿو.  ٿي  پنهنجي اخبار ڇو شروع ٿي واري سوال جو جواب ڏيڻ مون لاء صرف ان ڪري سخت پيڙا وارو محسوس ٿي رهيو آھي جو آئون زندگي جا ڪيترائي سال پنهنجي اخبار جي شروعات ڪندڙ اسان جي سرواڻ علي قاضي صاحب جي سٿ جو ڪارڪن رهيو آھيان. پنهنجي اخبار جي علي قاضي صاحب کي  ڇو شروعات ڪرڻي پئي ان سوال جي جواب پويان ڪيترو ڀاري درد آهي ان جي ڪٿ علي قاضي صاحب ئي ڪري سگهي ٿو، ٿي سگهي ٿو ته ان سوال جو جواب سنڌ جا ڪيترائي ماڻهو ڄاڻندا بہ هجن پر  عمر ڀر جي پورهئي تي قبضي ٿيڻ جي درد جو  ڪاٿو شايد مون سميت اهي به نٿا لڳائي سگهن. ان درد ڪهاڻي جو رڳو اهو شخص ئي ڪاٿو لڳائي سگهي ٿو جنهن جي زندگي ڀر جي ڏينهن رات جي محنت ۽ پورهئي تي قبضو ٿيو هجي.

ان ڪيفيت مان گذرڻ ڪيترو تڪليف وارو  هوندو ان جي ڪٿ به اهو ئي ڪري سگهي ٿو.  بھرحال پنهنجي اخبار پنهنجي سفر جي اهڙي وقت ۾ شروعات ڪئي جڏهن اخبارون بند  ٿي رهيون هيون ان ڪري نئين اخبار ڪڍڻ تمام وڏو رسڪ ۽ چيليجنگ عمل هو پر پنهنجي اخبار علي قاضي صاحب جي سرواڻي ۾  انهن چئليجن کي پار ڪندي سفر جا چار سال مڪمل ڪري ورتا آھن.  علي قاضي صاحب انهن چئن سالن ۾ پنهنجي اخبار کي نه رڳو پيرن تي بيهاريو آھي پر پنهنجي اخبار بعد ٽائيم نيوز ۽ ان بعد انٽرٽينمنٽ جي دنيا ۾ من ٽي وي جي به شروعات ڪري چڪو آھي.

 هن وقت ستين ڊجيٽل آدمشماري هلي رهي آھي اها جڏهن عمران خان جي حڪومت ۾ ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو ٿيو هو ان ڏينهن کان آدمشماري کي جيئن پنهنجي اخبار رپورٽ ڪيو آھي ائين ڪنهن به سنڌي اخبار رپورٽ نه ڪيو آھي  ايتري تائين جو جنوري ۽ فيبروري 2022ع ۾ ئي پنهنجي اخبار نئين ٿيندڙ آدمشماري جا سوال نامه، ڪهڙي طريقيڪار تحت آدمشماري ٿيندي، ڪڏهن شروع ٿي حتمي آدمشماري جا  انگ اکر اليڪشن ڪميشن کي ڪڏهن ملندا بابت تفصيلي خبرون ڏنيون هيون. مان دعوي سان چوان ٿو ته آدمشماري بابت فيبروري 2022 ۾ ايتريون خبرون ڪابه اخبار سامهون نٿي آڻي سگهي جيتريون پنهنجي اخبار شايع ڪيون هيون.

جن  خدشن تي ٻڌل آدمشماري بابت خبرون پنهنجي اخبار فيبروي کان ڏيڻ شروع ڪيون هيون انهن خبرن کي ٻين اخبارن ۾ آدمشماري شروع ٿيڻ بعد ئي ڪور ڪيو آھي.  آدمشماري سنڌ لاء انتهائي اهم ۽ حساس موضوع  رهيو آھي ۽ هن وقت  به آھي  مان هت رڳو ملڪ جي گادي واري شهر  اسلام آباد جي خبرن بابت ڪجھ دعوي سان چوان ٿو ته جيئن پاڻي، ناڻي، قومي اسيمبلي، سينيٽ، پارلياماني ڪاميٽين جي خبرن کي پنهنجي اخبار سامهون آندو آھي ائين خبرون عوام تائين پهچائڻ جي گهٽ ۾ گهٽ ڪا به سنڌي اخبار دعوي نٿي ڪري سگهي.

سنڌ جي ٻيٽن واري مامري کي عمران خان جي دور حڪومت ۾ به سڀ کان پهريان منظر تي پنهنجي اخبار آندو هو ائين هن پي ڊي ايم جي حڪومتي دور ۾ ٻيٽن بابت آندل بل به پنهنجي اخبار ئي عوام سامهون آندو، جيڪو بل هاڻي قومي اسيمبلي مان منظور ٿيڻ بعد سينيٽ ۾ منظوري لاء پيش ٿي چڪو آھي. مان ٻيا به ڪيترائي حوالا، مثال ڏئي سگهان ٿو پر مامرو ڊگهو ٿي ويندو ان ڪري رڳو آخر ۾ 6 اپريل تي شايع ٿيل  هڪ اهم خبر جو حوالو ڏيان ٿو. اها خبر 7 اپريل تي صوبن وچم خريف جي پاڻي جي ورڇ ڪرڻ لاء ٿيندڙ ايڊوائيزري ڪاميٽي جي اجلاس  بابت آھي. پنهنجي اخبار پهريان ئي اها نيوز ڏني هئي ته 27 سيڪڙو پاڻي کوٽ ٿيندي، ٽي رخي فارمولي تي پاڻي ورڇ ٿيندي، آڳاٽي خريف ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جو هڪ به ڦڙو نه ڇڏڻ جو فيصلو ٿيندو، اهي خبرون سمورين اخبارن هڪ ڏينهن بعد تڏهن ڏنيون جڏهن اجلاس بعد ارسا جي پريس رليز جاري ٿي. مان سمجهان ٿو ته ختم ٿيل ربيع سيزن ۾ تڪراري سي جي ۽ ٽي پي لنڪ ڪينال ڪيترو پاڻي کڻندا رهيا بابت رڳو مسلسل پنهنجي اخبار ئي پئي خبرون ڏنيون آھن ان ڪري سنڌي اخبارن ۾ پڙهندڙن کي وڌ ۾ وڌ نيوز خاص طور تي سنڌ جي اشوز سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين بابت خبرون پهچائڻ ۾ پنهنجي اخبار نمبر ون آهي. پنهنجي اخبار جو سفر جاري آھي محنت ڪنهن جي رائگان نه ويندي آھي چئن سالن ۾ پنهنجي اخبار پاران طئه ڪيل سفر ٻين اخبارن جي ڏهاڪن  جي  سفر تي ڀاري آھي.