ڇا پاڪستان آمريڪا جو اتحادي نه رهيو آهي؟

0
170
مسئلا 23 ڪروڙ عوام پيدا ڪيا يا هڪ سيڪڙو امير طبقي؟

بظاهر پاڪستان ۽ آمريڪا سفارتي ميدان تي هڪٻئي کان ڪيترو پري ٿي ويا آهن، تنهن جو اندازو گذريل ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي ان بيان مان ڪري سگهجي ٿو، جنهن ۾ هُن هڪ آن لائن برطانوي اداري کي انٽرويو ڏيندي چيو ته “ آمريڪا جا اتحادي نه رهيا آهيون”. ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان جو اهڙو بيان آمريڪي نائب پرڏيهي وزير ونڊي شرمن جي پاڪستان جي دوري مڪمل ڪرڻ کان ٻه ڏينهن پوءِ آيو آهي. هاڻي هتي سوال پيدا ٿي رهيو آهي ته آخر وزيراعظم عمران خان کي آمريڪا جي حوالي سان اهڙو بيان ڇو ڏيڻو پئجي ويو؟ جڏهن ته ٻه ڏينهن اڳ ان جي نائب پرڏيهي وزير پاڪستان جو دوري ڪري وئي آهي. ڇا وزيراعظم جو اهو بيان صاف صاف ٻڌائي پيو ته ٻه ڏينهن اڳ آمريڪي نائب پرڏيهي وزير سان جيڪي ملاقاتون ٿيون، اهي ڪي “خاص نتيجا” نه ڏئي سگهيون، تنهن ڪري هُن کي مجبورن اهڙي قسم جو موقف ڏيڻو پئجي ويو. هاڻي هتي سوال پيدا ٿي رهيو آهي ته ڇا واقعي افغانستان ۾ نئين پيدا ٿيل صورتحال کان پوءِ پاڪستان ۽ آمريڪا اتحادي نه رهيا آهن؟ ڇا ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي وڇوٽيون وڌي ويون آهن؟ يا افغانستان ۾ طالبان جي قبضي کان پوءِ ٻئي ملڪ هڪ دفعو ٻيهر هڪٻئي کان ماضي جي مقابلي ۾ گهڻو ڪجهه “نئون گهري” رهيا آهن، جيڪو گهربل حد تائين نه ملڻ جي صورت ۾ ٻنهي ملڪن ۾ ڏينهون ڏينهن “دوري” پيدا ڪري رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اختلاف گهٽجڻ بجاءِ وڌي رهيا آهن ۽ هاڻي ان نهج تي اچي پهتا آهن، جو پاڪستان جي وزيراعظم کي کلي طرح چوڻو پئجي رهيو آهي ته “آمريڪا جا اتحادي نه رهيا آهيون”. ڇا ان جو مطلب آمريڪا پاڪستان کان اهو ڪجهه گهري رهيو آهي جيڪو هڪ اتحادي ملڪ ٻئي اتحادي ملڪ کان گهرندو آهي، تنهن ڪري پاڪستان وڏي سطح تي آمريڪا کي پيغام ڏئي رهيو آهي ته موجوده صورتحال ۾ اسان جڏهن توهان جا اتحادي رهيا ئي ناهيون ته پوءِ اسان کان اهڙا مطالبا ڇو ڪيا پيا وڃن؟ اچو ته ان جو هڪ مٿاڇرو جائزو وٺون.

ڪجهه ڏينهن پهرين آمريڪي نائب پرڏيهي وزير ونڊي شرمن پاڪستان جو دورو ڪرڻ کان پهرين ڀارت جي دوري تي آئي هئي. اتي هن ڀارتي حڪومت جي اعليٰ عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون ۽  هڪڙي اهم پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته آمريڪا پاڪستان سان هن وقت ڪنهن به قسم جا ڊگهي مدت وارا لاڳاپا نٿو چاهي. پاڪستان جي حوالي سان ڀارتي زمين تي سندس اهڙو بيان ڪنهن به حوالي سان پاڪستان جي لاءِ ناقابل قبول هو ۽ هيڏانهن سندس اهڙي بيان اچڻ سان پاڪستان ۾ هن جي دوري مان جيڪي سٺيون اميدون وابسطا ڪيون پئي ويون، سي سڀ ختم ٿي ويون. آمريڪي نائب پرڏيهي وزير ونڊي شرمن جي اهڙي بيان تي پاڪستان پاران ڪو به ردعمل نه ڏنو ويو، پر جنهن وقت هُو پاڪستان جي دوري تي آئي ته پاڪستان جي اختيارين  سرد مهري جو مظاهرو ڪندي هن جي دوري کي ڪا خاص اهميت نه ڏني. سفارتي عملي ايئرپورٽ تي هن جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزير پنهنجي آفيس ۾ هن سان ملاقات ڪئي. ان ملاقات جا ٿورا گهڻا تفصيل ڪنهن نه ڪنهن طرح ميڊيا ۾ به اچي ويا آهن. پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ٿيل ان ملاقات ۾ آمريڪي نائب پرڏيهي وزير پاڪستان کان هڪ نئين طريقي سان وڏي هوشياري ۽ سفارتي انداز ۾ “ڊو مور” جهڙا مطالبا رکيا. انهن نون “ڊو مور” مطالبن ۾ سڀ کان پهرين آمريڪا پاران اهو مطالبو ڪيو ويو ته جيستائين ٻيا ملڪ افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت کي تسليم نٿا ڪن تيستائين پاڪستان به طالبان حڪومت کي تسيلم ڪرڻ ۾ تڪڙ نه ڪري. ان جو مطلب جيڪڏهن پاڪستان اڪيلي سر تڪڙ ۾ طالبان حڪومت کي تسليم ڪيو ته پوءِ پاڪستان جو اهو عمل عالمي برادري جي ابتڙ هوندو، جنهن جا نتيجا ممڪن آهي ته پاڪستان جي فائدي ۾ نه وڃن يا پاڪستان کي اهو پيغام ڏنو ويو ته افغانستان ۾ جن طالبان جي حڪومت اچڻ تي توهان خوش ٿي رهيا آهيو، باقي دنيا يعني آمريڪا ۽ ان جا اتحادي سخت ڪاوڙيل آهن. تنهن ڪري هاڻي جيڪڏهن پاڪستان اڪيلي سر طالبان حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته آمريڪا ۽ ان جا اتحادي وڌيڪ ناراض ٿي ويندا يا وڌيڪ ناراض ٿي سگهن ٿا. ان سان گڏ آمريڪا چيو ته جيستائين طالبان افغانستان ۾ انساني حقن ۽ عورتن جي حقن جي حوالي سان عملي طور ڪجهه نٿا ڪن، تيستائين پاڪستان کي آمريڪا سميت ٻي عالمي برادري سان گڏ بيهڻ کپي ۽ ان ڏس ۾ پاڪستان اڪيلي سر اهڙو ڪجهه نه ڪري جنهن سان عالمي برادري جي لاءِ وري ڪي نوان مسئلا پيدا ٿي پون. آمريڪا هڪڙي پاسي پاڪستان کان افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت تسليم نه ڪرڻ جهڙو مطالبو ڪري رهيو آهي ته وري ٻئي پاسي هن وقت آمريڪا کي وچ ايشيا جي ملڪن افغانستان ۾ ڊرون حملا ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون هوائي حدون استعمال ڪرڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن کان پاڪستان به چڱي طرح واقف آهي ۽ ان سلسلي ۾ آمريڪا پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته آمريڪا کي افغانستان ۾ ڊورن حملا ڪرڻ جي لاءِ هوائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. پاڪستان مشروط طور اهڙي اجازت ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي، پر پاڪستان جو مطالبو آهي ته جڏهن اهڙي حملي ڪرڻ جي ضرورت پوي ته اسان کي ان حملي بابت پهرين آگاهه ڪيو وڃي، پر آمريڪا جو چوڻ آهي ته هُو جنهن وقت به چاهي هوائي حملو ڪري سگهي ٿو، تنهن ڪري اهي ڪنهن به طرح ان جو اڳواٽ اطلاع پاڪستان کي نٿا ڏئي سگهن. تنهن ڪري ان معاملي تي به ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سخت اختلاف هلي رهيا آهن. ٽيون پاڪستان تحريڪ طالبان پاڪستان سميت ڪجهه ٻين گروپن سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو، پر آمريڪا جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي ڪنهن به دهشتگرد گروپ سان ڳالهيون ڪرڻ جي بدران ان خلاف آپريشن ڪرڻ گهرجي، جيڪا ڳالهه پاڪستان کي پسند ناهي. تنهن ڪري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اختلافي نقطن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو اچي رهيو آهي.

هڪڙي پاسي آمريڪا پاڪستان کان اهڙي قسم جا مطالبا ڪري رهيو آهي ته وري ٻئي پاسي پاڪستان سمجهي ٿو ته پاڪستان آمريڪا جون دوحا ۾ طالبان سان ڪامياب ڳالهيون ڪرايون هيون ۽ آمريڪا انهن ڳالهين مان مڪمل طور فائدو ورتو، پر موٽ ۾ پاڪستان کي اهو ڪجهه نه مليو آهي، جنهن جو آمريڪا پاڪستان سان واعدو ڪيو هو. ۽ ٻيو هاڻي جڏهن اهي ساڳيا طالبان افغانستان تي قابض ٿي چڪا آهن، تڏهن ته پاڪستان جي اهميت اڳي کان به وڌيڪ ٿيڻ گهرجي، پر هتي ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي. پاڪستان جو خيال آهي ته نه صرف آمريڪا پر ان جا اتحادي به هاڻ پاڪستان کي سفارتي ميدان تي گهربل اهميت ڏين. ڇو ته هن وقت پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر افغانستان ۾ آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جو هڪ اهم ۽ مرڪزي اتحادي ٿي سگهي ٿو يا اهڙو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته ٻئي پاسي آمريڪا ۽ سندس اتحادي سمجهن ٿا طالبان جنهن تيزي سان افغانستان تي هڪ دفعو ٻيهر قابض ٿيا آهن، تنهن ۾ پاڪستان جي رياستي ۽ غير رياستي ادارن ۽ فردن جو اهم هٿ آهي، تنهن ڪري افغانستان تي قابض طالبان ۽ پاڪستان کي الڳ نٿو ڪري سگهجي.

آمريڪا جي موجوده پاليسي مان لڳي رهيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ به آمريڪا پاڪستان کي مستقل دٻاءُ ۾ رکڻ چاهي ٿو. آمريڪا جي اهڙي پاليسي جي پويان يقيني طرح ڀارت جو هٿ هوندو، جيڪا ڳالهه پاڪستان به سمجهي ٿو، پر بظاهر آمريڪا اهڙي قسم جو تاثر ڏئي رهيو آهي ته آمريڪا جيڪو ڪجهه پاڪستان کان گهري رهيو آهي، اهو سڀ ڪجهه آمريڪا جي پنهنجي ضرورت آهي. ان سان گڏ آمريڪا سمجهي ٿو ته پاڪستان تي جيترو پريشر هوندو، افغان طالبان به ايترو پريشر ۾ رهندا. پاڪستان تي دٻاءُ گهٽ ٿيڻ جو مطلب افغان طالبان تي پريشر گهٽ ٿيڻ برابر هوندو، تنهن ڪري ٻنهي ملڪن کي هڪڙي پاليسي ۽ هڪڙي طريقي سان ڊيل ڪيو وڃي، جنهن ۾ آمريڪا سمجهي ٿو هن کي ڪاميابي ملندي. ڇا اهڙي طرح آمريڪا پاڪستان کي دٻاءُ ۾ رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو ۽ هُو پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو؟ آمريڪا ماضي ۾ به ان طرح پاڪستان کي ڊيل ڪيو هو، پر ان کي اهي نتيجا نه مليا، جيڪي هن چاهيا پئي، تنهن ڪري هن وقت به ان جا امڪان بنهه گهٽ آهن. ٻيو پاڪستان سمجهي ٿو ته آمريڪا ۽ ان جي اتحادين لاءِ طالبان جي صورت ۾ افغانستان هڪ مستقل مٿي جو سور رهندو ۽ اهو مٿي جو سور پاڪستان جي مدد کانسواءِ ختم نه ٿيندو، تنهن ڪري هڪ نئين پيدا ٿيل صورتحال ۾ پاڪستان کي آمريڪا جي گهٽ پر آمريڪا کي پاڪستان جي وڌيڪ ضرورت آهي، تنهن ڪري پاڪستان کي ان موقعي جو مڪمل طور فائدو وٺڻ گهرجي، پوءِ اهڙي فائدي ملڻ ۾ ٿوري گهڻي دير سوير ٿي سگهي ٿي. تنهن ڪري پاڪستان پاران اهڙا بيان ڏنا پيا وڃن ته اسان اوهان جا اتحادي ناهيون، جيڪڏهن اسان کي نئين پيدا ٿيل صورتحال ۾ اتحادي ڪرڻ چاهيو ٿا ته پوءِ اسان سان نئين سر ڳالهائڻو پوندو.

[email protected]