ڇاڇرو: رٺل زال کي وٺڻ ويل نوجوان جو ساهرن جي گهران لاش هٿ

0
239
ڇاڇرو: رٺل زال کي وٺڻ

ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇرو ڀرسان ڳوٺ ناڪرايو جو رهواسي 22 ورهين جو نوجوان محرم پٽ ساوڻ نهڙي جو ساهرن جي گهر ان لاش هٿ آيو آهي، جنهن جي وارثن پاران قتل جو شڪ ظاهر ڪيو ويو

نوجوان جي والد رٽائر پوليس اهلڪار ساوڻ نهڙي جو چوڻ آهي ته پٽ پنهنجي رٺل زال کي وٺڻ لاءِ ويو جن سان تڪرار هلندڙ هو، ساهرن پٽ کي قتل ڪيو آهي، انصاف ڪيو وڃي

نوجوان جي ساهرن جو پاڪ ڀارت سرحد ويجهو ڳوٺ جيتراڙ آهي، حد جي پوليس ٿاڻي تڙاحمد جي پوليس لاش کي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ ڇاڇرو اسپتال پهچايو

پوليس موجب نوجوان جي ساهرن جو چوڻ آهي محرم آپگهات ڪيو اسان قتل ناهي ڪيو، هنن جو پراڻو تڪرار هلندڙ آهي وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون

ھي به پڙھندا

بخشاپور ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 25 زخمي