بخشاپور ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 25 زخمي

0
225
بخشاپور ويجهو ٻن

بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور ويجهو گبلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ هيبت گولو ۾ لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب اڌڙوٽ ميهرالدين گولو مارجي ويو آهي

گذريل رات گبلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ هيبت گولو گولا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ميهرالدين گولو سخت زخمي ٿي پيو هو جيڪو سکر جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو

گولا برادري جي ٻن ڌرين ڪارنهن معاملي تان جهيڙو ٿيو هو، جنهن ۾ لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جي عورتن سوڌو  25 ڄڻا زخمي ٿيا هئا

ھي به پڙھندا

بهاولپور ۾ هٿيار بندن جي فائرنگ، هڪ ئي خاندان جا 6 ڄڻا مارجي ويا