اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو چين جي شراب ٺاهيندڙ مشهور ڪمپني هوئي ڪوسٽل بريوري کي بلوچستان جي علائقي لسٻيلا ۾ شراب ٺاهڻ جو ڪارخانو لڳائڻ جو لائسنس ملي ويو آهي. چيني ڪمپني کي اپريل 2020 ۾ سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن پاران رجسٽرڊ ڪيو ويو هو، جنهن بعد بلوچستان جي ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن کاتي پاران ڪمپني کي لائسنس جاري ڪيو ويو آهي. شراب ٺاهڻ جو ڪارخانو لسٻيلا ۾ لڳايو ويندو. واضع رهي ته چين جي هوئي ڪوسٽل بريوري دنيا جا مشهور شراب جا برانڊ ٺاهيندڙ ڪمپني آهي.