چونڊڪو (ن پ ا) چونڊڪو ڀرسان ڦارهياڙو واري علائقي ۾ 14 مهينا اڳ 19ايڪڙ زمين جي مالڪي تان لغاري برادري جي امداد علي لغاري ۽ رانجهن لغاري جي ڌرين وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو فيصلو خالد حسين راڄپر جي رهائش گاهه تي خالدحسين راڄپر ۽ اڳوڻي تعلقي ناظم بخش علي آرادين جي سرپئنچي ۾ ڪيو ويو، جڏهن ته فيصلي ۾ صلاحڪارن ڪريم ڏنو جتوئي بڊاڻي، عبدالرئوف چاچڙ، گل حسن شاهه، علي حيدر لغاري، علي خان پتافي، لغاري برادري جي چڱي مڙس محمد جمن خان لغاري ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي، فيصلي جي سرپئنچن ۽ مشيرن ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌي فتويٰ جاري ڪئي، فتويٰ موجب تڪراري زمين ٻنهي ڌرين وچ ۾ اڌو اڌ ڪئي وئي، جڏهن ته هڪ سال اڳ امداد علي لغاري واري ڌر جي قتل ٿيل علي ڏنو لغاري جي خون جو معاوضو 15 لک ۽ زخمين جا 7 لک مجموعي طور تي 22 لک ڏنڊ رانجهن لغاري واري ڌر تي مقرر ڪيو ويو. ياد رهي ته لغاري برادري جي جهيڙي ۾ امداد علي لغاري جي ڌر وٽ مهمان ٿي آيل احمد خان ڀنڀرو جهيڙي ۾ گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو هو، ان حوالي سان مقتول احمد خان ڀنڀرو جي ڀاءُ وسيم ڀنڀرو ٻڌايو ته اسان کي فيصلي جو نه ٻڌايو ويو هو، اسين عدالت ۾ وينداسين.