ڄاڃين سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي واهه ۾ ڪري پئي، 25 ڄڻا زخمي

0
52

ميهڙ ويجهو فريد آباد روڊ تي ڄاڃين سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ٽٽل موري جي پل تان واهه ۾ ڪري پئي، حادثي جي نتيجي ۾ 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته هڪ زخمي ٽرالي جي ٽائرن ۾ ڦاٿل ٻڌايو پيو وڃي

هيسباڻي برادري جا ڄاڃي شاهه گودڙيو جي درگاهه تي سکان کڻي وڃي رهيا هئا ته زبون حال پل تان ٽرالي سم شاخ ۾ ڪري پئي

زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

ٽرالي جي ڦيٿن ۾ ڦاٿل شخص کي ٻاهر ڪڍڻ جون ڪوششون جاري آهن