ٽريڪٽر روڊ ٻارن مٿان چڙھي ويو، پوليس اهلڪارن جي گاڏي ڪلٽي

0
68

نوابشاهه ۾ ڪوهيڙي سبب ٽريڪٽر روڊ پار ڪندڙ ٻن ٻارن مٿان چڙھي ويو آهي

حادثي جي نتيجي ۾ ٻئي ٻار چيڀاٽجي اجل جو شڪار ٿي ويا آهن

سانگهڙ روڊ تي حادثي ۾ فوت ٿيل ٻارن وارث شر ۽ احسان کوسو جي وارثن لاشن سوڌو ڌرڻو هنيو، جن ٽريڪٽر ڊرائيور کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي

نوري آباد ويجهو ڪنري واسين سان به حادثو پيش آيو، ٽريول ايجنسي جي مالڪ سميت  2 ڄڻا فوت، ماءُ ۽ ڌيءَ زخمي ٿي پيا آهن

ايم نائين موٽر وي تي ڪراچي کان ڪنري ويندڙ گاڏي کي نامعلوم گاڏي پٺيان ٽڪر هنيو، فوتين ۾ ٽريول ايجنسي جو مالڪ حاجي گلزار آرائين ۽ استاد عبدالرحمان شامل آهن

زخمين ۾ رضيه زال گلزار آرائين ۽ سندس ڌيءُ حفظا شامل آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

ڄامشورو ويجهو پيٽارو ٽول پلازه وٽ تيز رفتار ڪار ڪلٽي ٿيڻ سبب 4 پوليس اهلڪار ۽ هڪ نينگر زخمي ٿي پيا

زخمي ٿيل اهلڪارن ۾ اي ايس آءِ ملوڪ بروهي، ڪانسٽيبل علي اڪبر پنهور، غلام حسين پنهور، پرويز کوسو ۽ 12 سالن جو نينگر حسنين شامل آهن