ڀنگ کي عام ڪرڻ جي حوالي سان مشھور سينيئر وڪيل امان الله سومرو گرفتار

0
711

ميرپورخاص: ضلعي انتظاميا پاران شھر ۾ ٽريفڪ جام ٿيڻ کان بچڻ لاء ٺاھيل ڊوائيڊر ديوار کي سينيئر وڪيل امان الله سومرو ڊھرائي ڇڏيو. اطلاع تي ٽائون ٿاڻي جي پوليس پھچي کيس گرفتار ڪري مٿس ٽريفڪ انچارج محمد فياض جي مدعيت ۾ پبلڪ روڊ کي نقصان پھچائڻ ۽ سرڪاري ملازمن جي ڪمن ۾ رڪاوٽ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو. ڪيس ۾ ٽريفڪ انچارج ڄاڻايو آھي ته شھر ۾ ٽريفڪ جام ٿيڻ سبب ضلعي انتظاميا جي تعاون سان مارڪيٽ روڊ تي ڊوائيڊر ديوار ٺھرائي ھئي پر وڪيل امان الله سومرو اينٽي انڪروچمينٽ ٽرائبيونل ۾ ڊوائيڊر ديوار ڊھرائڻ لاء درخواست ڏني ھئي، جيڪا عدالت رد ڪري ڇڏڻ بعد ھن ديوار ڊھرائي. ياد رھي ته ٽي ڏينھن اڳ امان الله سومرو پاران فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ ھراسمينٽ ۽ تحفظ جي درخواست داخل ڪرائي آھي، جنھن ۾ ٽريفڪ سارجنٽ عبدالحفيظ آرائين، ٽريفڪ جمعدار نصرالله ۽ ٻين کي ڌر بڻايو آھي، جنھن ۾ ھن ڄاڻايو آھي ته ميرپورخاص شھر ۾ ٽريفڪ جو آزار آھي، جنھن جو مک سبب روڊن تي رڪشا بيھڻ ۽ ريڙھا بيھڻ آھن، جن کان اھي ٽريفڪ عملدار روزاني جي بنياد تي ٽي لک روپيا ڀتو وٺندا آھن، ٽريفڪ وڌڻ سبب ھنن اھي حدخليون ھٽائڻ بجاء ڊوائيڊر ديوار ٺھرائي ڇڏي، جنھن سان سيشن ڪورٽ کان پوسٽ آفيس تائين ھڪ به يوٽرن ناھي ۽ انھي ديوار سبب فوٽ پاٿ ختم ٿي ويو آھي ۽ شھرين جو پنڌ ھلڻ مشڪل بڻجي ويو آھي، شھري ھئڻ ناتي اينٽي انڪروچمينٽ ۾ درخواست ڪرائي ته حفيظ آرائين ۽ نصرالله مون کي جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن، مون کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي. اھڙي درخواست بعد فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت پاران نوٽيس جاري ڪندي ڊي ايس پي ڪمپلين سيل کان 21 اپريل تائين معاملي جي رپورٽ طلب ڪئي آھي ۽ درخواست تي ٻڌڻي به ساڳئي ڏينھن مقرر ڪئي ويئي آھي.