ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ الھورايو خاصخيلي ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب 7 ڳوٺاڻن حڪيم خاصخيلي، بگو خاصخيلي، مومن خاصخيلي، نظام خاصخيلي، مولا بخش، ھاشم ۽ قربان خاصخيلي جا گھر سڙي رک ٿي ويا. جڏھن ته فائر برگيڊ پھچي باهه تي ضابطو آندو. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻي قربان خاصخيلي ٻڌايو تهه اسان جي گھرن ٻاھران مال لاءِ گڏ ڪيل بهه وغيره پيل ھو ان ۾ باهه لڳي بعد ۾ ڏسندي ئي ڏسندي گھر جي لوڙھن ۽ گھرن کي باهه وڪوڙي وئي، وڏي مشڪل سان جانيون بچايون آھن. باهه متاثرن پاران وس وارن کان واهر جي اپيل ڪئي وئي.