ڪراچي (م ڊ) ڀارت جي قومي سلامتي جي صلاحڪار جي پاڪستان، چين، روس ۽ افغانستان جي هم منصبن سان ملاقات جا اطلاع مليا آهن. پاڪستان جي اڳوڻي سفارتڪار آصف دراني پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڀارتي قومي سلامتي جي صلاحڪار اجيت دوول پاڪستان، چين ۽ روس جي هم منصبن سان افغانستان جي معاملي تي گڏجاڻي ڪئي آهي. هن چيو ته خبر ناهي ته ان گڏجاڻي مان نتيجو نڪرندو يا وري اجيت دوول جي هڪ وڌيڪ سازشي سرگرمي آهي.