پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل جي ڪچي مان مريد شاخ واسي ٽي مزدور پراسرار نموني گم ٿي ويا آھن جن جي وارثن پاران ڪچي جي کڏھڙي ٿاڻي تي گمشدگي جي رپورٽ درج ڪرائيندي اغوا جو شڪ ظاھر ڪيو ويو آھي، ڪچي جي کڏھڙي ٿاڻي جي حد ساد پتڻ وٽان مريد شاخ واسي ٽي مزدور حنيف عباسي ، امام بخش عباسي ۽ جاويد بروھي پراسرار نموني گم ٿي ويا آھن جن جي وارثن پاران کڏھڙي ٿاڻي تي پھچي ڪري گمشدگي جي رپورٽ درج ڪرائيندي اغوا جو شڪ ظاھر ڪيو ويو آھي ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي کڏھڙي ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آھي ته ٽئي ڄڻا ڪچي ۾ ھارپو ڪندا ھئا وارثن ٿاڻي تي پھچي رپورٽ درج ڪرائيندي اغوا جو شڪ ظاھر ڪيو ويو آھي ٽنھي ڄڻن جو تعلق مريد شاخ سان آھي شڪ آھي ته کيس اغوا ڪيو ويو آھي وڌيڪ به جاچ ڪري رھيا آھيون.