ڀارت جو سڀ کان وڏو فلمي ايوارڊ، ڪنگنا راناوت بهترين اداڪارا، منوج باجپائي بهترين اداڪار قرار

0
248
سڀ کان وڏو فلمي ايوارڊ

نئين دهلي(م ڊ) ڀارت جو اداڪارن جو سڀ کان وڏو ايوارڊ نيشنل ايوارڊ ڪنگنا راناوت، رجني ڪانت ۽ منوج باجپائي کٽي ورتو. نائب صدر ايوان صدر ۾ ايوارڊ ڏنا. ڀارت جي فلمي صنعت جي 67 هين نيشنل فلم ايوارڊ جي تقريب وگيان ڀون نئين دهلي ۾ ٿي، جنهن ۾ نائب صدر ايم وينڪائيا نائڊو ايوارڊ ڏنا. ان ايوارڊ جو اهتمام ڊائريڪٽوريٽ آوف فلم فيسٽيولز ڪندو آهي جيڪو اطلاعات واري وزارت جو ذيلي ادارو آهي. 2019ع جي فلمن تي ايوارڊ ڏنا ويا.

اداڪار ڌنش  کي فلم اسورن لاءِ بهترين اداڪار جو ايوارڊ ڏنو ويو. رسل پوڪٽي کي فلم سائونڊ ڊزائنر جو ايوارڊ مليو. ڪنگنا راناوت کي فلم مانڪرنيڪا ۽ پنگا تي بهترين اداڪارا جو ايوارڊ ڏنو يوو. منون باجپائي کي ڀونسلي فلم لاءِ بهترين اداڪار جو ايوارڊ مليو. تامل فلمن جي ٻارڙي اداڪار ناگا وشال کي به ايوارڊ مليو. فلم پروڊيوسر ساجد ناڊياڊوالا کي به بهترين پروڊيوسر جو ايوارڊ مليو. سينئر اداڪار رجني ڪانت کي دادا صاحب ڦالڪي ايوارڊ ڏنو ويو. جيڪو ڀارت جو فلمن جو سڀ کان اعليٰ ايوارڊ آهي. وي ايف ايڪس اداڪار سڌارٿ پريادرشن کي به ايوارڊ مليو.